زرعي اداري جا سائنسدان جديد سائنسي تحقيق جي روشني ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهن
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) زرعي اداري پاران نيون سارين جون جنسون متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون (محمد حنيف اڄڻ)تفصيل موجب رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي اداري جا سائنسدان جديد سائنسي تحقيق جي روشني ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. عالمي سطح تي ٿيندڙ موسمي تبديلين، وڌندڙ گرمي ۽ پاڻي جي کوٽي کي نظر ۾ رکندي، ادارو اهڙين نئين فصلن جي جنسن تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي موجوده حالتن سان مطابقت رکن ٿيون.ھن چيو ته ادارو جلد ٻه نيون سارين جون جنسون متعارف ڪرايون وينديون، جيڪي خشڪي ۽ گرمي کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. ان سان گڏ نباتاتي جيتن ۽ بيمارين جي تدارڪ لاءِ به جامع حڪمتِ عملي تي عمل جاري آهي، جيئن آبادگارن کي وڌيڪ پيداوار ۽ گهٽ نقصان جا موقعا ملي سگهن.اداري جا زرعي سائنسدانن اداري جي بهتري ۽ آبادگارن جي سهولتن لاءِ دل و جان سان ڪم ڪري رهيا آهن. انهن جو مقصد زرعي شعبي کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ملڪ جي زرعي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ آهي.انهي موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سان زرعي سائنسدان عبدالصمد سومرو،امجد شجراع،عبدالنبي ڀٽو،غلام شبير خاصخيلي ۽ ٻيا گڏ ھئا.
0 تبصرے