نوشهروفيروز ۾ غني امان چانڊيو ۽ ٻين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) پاران ٺاروشاه اسٽاپ کان نوشهروفيروز پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز ۾ غني امان چانڊيو ۽ ٻين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوشهرو فيروز (ڊ.ر)ڪراچي اسپتال مان کنڀي گم ڪيل نوجوان غني امان چانڊيو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) پاران ٺاروشاه اسٽاپ کان نوشهروفيروز پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ عزيز ڀنگوار، فرحان علي وسطڙو، احسان ميمڻ، شرجيل وسطڙو ۽ ٻين ڪئي۔ احتجاج دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو کي ڪراچي جي اسپتال مان سندس ٻارڙن جي علاج دوران کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪو انساني حقن ۽ انصاف تي وڏو ڌڪ آهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ شاگرد اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن، جيڪو انتهاپسندي ۽ رياستي زورزبردستي جو تسلسل آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي سميت سڀني گمشدہ قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو۔