English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27ھين آئيني ترميم کي سنڌ سميت ملڪ تي حملو سمجھون ٿا: اياز لطيف پليجو
views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونه ڏينداسين، سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي
ٽنڊو محمد خان/موريا (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ سارين جو اگھ گھٽائڻ، منشيات، غير قانوني افغاني نيڪال نہ ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، درياھ تي ڌاڙي ۽ سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف اديب، دانشور ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ماتلي بدين روڊ تي انصاري شگر مل کان ريلي ڪڍي مويا ۾ ھزارين ماڻھن سان گڏ پيادل مارچ ڪيو. مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو ترجمان اشرف پليجو، ھاشم ڪنڀر، حنيف باگراڻي، علي مردان رند، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، رمضان رند ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا. مويا پھچڻ تي واپارين، آبادگارن، ھارين، شھرين گلن جي ورکا سان اياز لطيف پليجي جو استقبال ڪيو. پيادل مارچ مويا شھر پھچڻ کانپوءِ جلسي عام ۾ تبديلي ٿي ويو. ان موقعي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم کي سنڌ سميت ملڪ تي حملو سمجھون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ 27 ھين ترميم جو سودو ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي 26هين ترميم پاس ڪرائي، هاڻي 27هين ترميم بہ پاس ڪرائن پيا. 18 ترميم ختم ڪري صوبن کان اختيار ۽ وسيلا کيسا پيا وڃن. پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. 27هين آئيني ترميم جي ذريعي سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ حملو برداشت نہ ڪنداسين. پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. وڏيرن، پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي اجازت نہ ڏني ويندي تہ اھي سنڌ کي کپائين. پاڪستان جو محب وطن عوام ملڪ ۽ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ڪونہ ڏيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي زرعي دشمن پاليسي جي ڪري ھر سال سارين جو ھٿرادو اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اڃان تائين ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نہ ڪيو ويو آهي، نہ ئي شگر ملون چالو ڪرڻ جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي زراعت کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو آهي. وقت سر شگر ملون نہ ھلڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي نہ ٿي سگھندي، جنهن جي نتيجي ملڪ ۾ اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيندو. سارين جو 4 ھزار روپيا مڻ، ڪمند 600 روپيا في مڻ، ڪڻڪ 4500 روپيا في مڻ سرڪاري اگھ مقرر ڪري ڪري سرڪاري خريداري مرڪز قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ ڊينگي بخار وگهي 100 کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سھولتون ناھن. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، دوائون ناھن، جنھنڪري غريب ماڻھو بازار مان دوائون خريد نٿا ڪري سگھن. مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ بلدياتي ادارن عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا آھن، بلدياتي ادارن کي جيڪي پئسا مليا اھي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا. ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ آفيسرن جا ڪميشن عيوض رڪارڊ سڌا ڪيا ويا آھن. ھيٺين سطح تائين انصاف ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ وارو خواب خواب ئي رھجي ويو. جيڪڏھن چيڪ اينڊ بيلنس ھجي ھا تہ اربين روپيا ڪرپشن جي نظر نہ ٿين ھا. ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ ملوث آفيسرن کي ھميشہ لاءِ نااھل ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بار بار اقتدار ۾ ايندڙ ڪرپٽ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن، سينيٽرن ۽ چيئرمينن وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي، انھن وٽ ڪرپشن جون اسڪيمون آھن، جيڪو بہ ڪم ڪيو وڃي ٿو، اھو ڪرپشن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنھنڪري روڊ رستا کنڊر بنيل آھن. سڄو فراڊ جو سسٽم ھلايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانو ھي ڏسو ھي سوين عورتن سميت ھزارين ماڻھو نہ مھينن جي رٿابندي ۽ ڪروڙن جي خرچ سان بسن ۽ وينن ۾ ڀري آندل آھن، نہ ڪنھن الائونس، پگھار، نوڪري، اقتدار، بدلي، برياني يا انڪم سپورٽ جي قسط جي آسري آيل آھن. ھي فقط پنھنجي جيجل ماءُ، پنھنجي ڌرتي سنڌ جي خاطر، پنھنجي ھن ڀاءُ اياز لطيف پليجو کي ٻڌڻ، ان سان ملڻ ۽ وطن ۽ وسيلن لاءِ ھڪ مزاحمتي ديوار ۽ ھڪ پرجوش للڪار بڻجڻ آيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آهن. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ سان دشمن آهي. ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ حڪومتي نظام ۽ روزگار جو سنگين بحران آهي. ڏوهارين جا مددگار سردار ۽ سردارن جي مددگار سنڌ حڪومت آهي. صوبائي حڪومت سنڌ کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت هر قيمت تي سنڌ جو عوام ڪندو، حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سندھ جي هارين ۽ آبادگارن کي طاقت جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ۽ اپوزيشن واضع ڪن تہ انهن لاءِ سنڌ موجود آهي يا ناهي؟ سمنڊ سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار درياء سنڌ تي آهي، سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. بندرگاھ، گئس ۽ پيٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي نہ کسيو سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آهن.قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر ھاشم ڪنڀر خطاب چيو تہ سارين جو اگھ گھٽائي معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. مويا سميت سڄو ضلعو منشيات جو اڏو بڻجي ويو آھي. پوليس منشيات ۽ ڏوھن کي ڪاروبار بنائي ڇڏيو آھي. بيگناھ ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جو ورهاڱي سنڌ جو عوام قبول نہ ڪندو ۽ سخت مزاحمت ڪندو 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي 27 هين آئيني ترميم جون تياريون ٿي رهيون آهن، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ 27هين ترميم جو مسودو پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. هن ترميم وسيلي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويندو سنڌ دشمن 27 ھين ترميم ۾ پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار جي سھولتڪار آهي اڃان تائين نون ڪئنالن جي تلوار سنڌ مٿان لٽڪيل آهي، مٿان وري نون صوبن ۽ 27هين ترميم ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکڻ جي خطرناڪ سازش آهي. اشرف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي ڊينگي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي حوالي ڪيو ويو آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي تہ فوري طور مڇرن کان بچاء بابت مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ڊينگي وگهي فوت ٿي ويل جي وارثن کي 50 لک معاوضو ڏنو وڃي. چيئرمينن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.حنيف باگراڻي خطاب ڪندي چيو تہ سارين جو اگھ 4 ھزار روپيا مقرر ڪيا وڃن. سرڪاري خريداري مرڪز قائم ڪيا وڃن. بيڊ گورننس مسئلن جو بنياد آھي. ايڊووڪيٽ آڪاش رند چيو تہ پوليس خود انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رھي آھي. منشيات ۽ ڏوھن جو راڄ قائم آھي. علي مردان رند خطاب ڪندي چيو تہ ڪرپشن، منشيات ۽ ڏوھ وڏو مسئلو بنجي ويا آھن. پوليس ڏوھارين جي سرپرست بنجي وئي آھي. تيل ۽ گئس ڏيندڙ ضلعي جو عوام غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي. سارين جو ھٿرادو اگھ ڪيرايو ويو آھي. صوبائي وزير ۽ ڊي سي واپارين ۽ ڪارخانيدارن کان ڀتو وٺي خاموش ويٺا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Nov 2025
•
پاکستان
تجاوزات کا خاتمہ سول انتظامیہ کی ذمہ داری، پولیس کی نہیں : کراچی پولیس چیف
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
50 لاکھ گھروں اور 1 کروڑ نوکریوں کے دعوے غلط ثابت ہوئے : عظمیٰ بخاری کی تنقید
04th Nov 2025
•
پاکستان
کراچی میں ای چالان پر بڑی ریلیف پالیسی کا اعلان ، چالان معاف
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
190 ملین پاؤنڈ کیس: بشریٰ بی بی نے سزا معطلی کی جلد سماعت کی استدعا کردی
04th Nov 2025
•
پاکستان
تجاوزات کا خاتمہ سول انتظامیہ کی ذمہ داری، پولیس کی نہیں : کراچی پولیس چیف
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
50 لاکھ گھروں اور 1 کروڑ نوکریوں کے دعوے غلط ثابت ہوئے : عظمیٰ بخاری کی تنقید
04th Nov 2025
•
پاکستان
کراچی میں ای چالان پر بڑی ریلیف پالیسی کا اعلان ، چالان معاف
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
190 ملین پاؤنڈ کیس: بشریٰ بی بی نے سزا معطلی کی جلد سماعت کی استدعا کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ
27ھين آئيني ترميم کي سنڌ
0 تبصرے