ٺٽي ۾ ٽريفڪ پوليس جون ڪارروائيون تيز

ٺٽي ۾ ٽريفڪ پوليس جون ڪارروائيون تيز

ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ۾ پوليس جون ڪارروائيون جاري، بنا نمبر پليٽ ۽ غير قانوني لاڪ وارين گاڏين جي سخت چيڪنگ شروع.تفصيل موجب ٺٽي ضلعي ۾ ٽريفڪ جي قانونن جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ ، حادثن کان بچڻ ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس پاران سخت قدم کنيا ويا آهن. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي خاص هدايتن تي عمل ڪندي، 15 انچارج ٺٽو، راجا ظفر، ٽريفڪ انچارج امام بخش ناھيو ۽ شاھ رخ جميل کنڀاٽي جي اڳواڻي ۾ اڄ صبح کان مڪلي، ٺٽو ۽ آس پاس جي مختلف علائقن ۾ بنا نمبر پليٽ ۽ فينسي نمبر پليٽ وارين گاڏين چيڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان 15 انچارج راجا ظفر چيو آهي ته ايس ايس پي ٺٽو صاحب جو واضح پيغام آهي ته جيڪي به گاڏيون نمبر پليٽ کان سواءِ هلنديون، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن سان به رعائيت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته سڀني گاڏين جا مالڪ پنهنجي گاڏين تي صحيح نمبر پليٽ لڳرائين، ڇو ته بنا نمبر پليٽ واري گاڏي کي ڪنهن به صورت ۾ بخشيو نه ويندو ۽ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي .چيڪنگ جو عمل جاري رهندو ۽ ايندڙ وقت ۾ پڻ هر ايندڙ ۽ ويندڙ گاڏي جي جانچ ڪئي ويندي ته جيئن ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي کي مڪمل طور تي روڪيو وڃي. پوليس جو مقصد عوام جي حفاظت، ٽريفڪ جي رواني ۾ سهولت ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ آهي.