انفارميشن آفيسر قمر زمان ڀنڀرو جي مورو پريس ڪلب تي آجيان ڪئي وئي
مورو (جاني جماڻي) مورو انفارميشن افيسر نوشھرو فيروز قمرزمان ڀنڀرو کي مورو پريس ڪلب پاران آجياڻو ڏنو ويو ان موقعي تي ھن ڳالھائيندي چيو تہ پريس ڪلب منھنجو گھر آھي منھنجي ضلعي جو ھر صحافي منھنجي زميواري آھي سندس جو ڏک تڪليف کي آء پنھنجو سمجھي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آھيان پريس ڪلب منھنجو ٻيو گھر آھي ھن جا مسئلا بہ منھنجا ھوندا آھن وس آھر ڪوشش ڪري بيمار صحافين جي مدد توڙي اداري جي ڪارونھوار کي ھلائڻ لاء پنھنجي صوبائي اطلاعات جي وزير سان لکپڙھ ڪري مسئلن جي حل لاء جاکوڙ ڪندو آھيان ايتري حد تائين جيڪڏھن ڪو پروفيشنل صحافي کي تڪليف ڏيندو آھي آء ھن سان ھر ڳالھ م گڏ ھوندو آھيان ء ھوندس اڪثر دوست ويب ٽي وي يا پي ڊي ايف جا صحافي سڏائي ادارن م پرہشانيون پيدا ڪن ٿا جنھن سبب پروفيشنل صحافين جو وقار مجروہ ٿئی ٿو رجسٽر پريس ڪلبن کي سنڌ حڪومت ھر سال فنڊ ڏيندي آھي بيمار صحافين جي علاج لاء مالي سھائتا بہ ڪندي آھي ھن چيو تہ عطائين جي رستا روڪ ڪرڻ لاء سڀني کي ھڪ ٿيڻو پوندو مورو پريس ڪلب جي صدر نواب علي اصغر ڪورائي چيو تہ صحافت ڪنڊن جي سيج آھي حق سچ لکڻ ڪنھن کي آئيني م چھرو ڏيکارڻ جي پاداش م اتر سنڌ جا ڪيترائي صحافي شھيد ٿي ويا پر اڄ تائين بااثر قاتلن کي سزائون ناھن ملي سگھيون حڪومت کي گھرجي تہ ھو صحافين کي پيش ايندڙ مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪري،مھمان قمرزمان ڀنڀرو،عبدالرحمن ڀنڀرو کي نواب علي اصغر ڪورائي محمد بخش عالماڻي، سومر سولنگي پاران مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ گلن جي ھارن جو تحفو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين ۾ مورو پريس ڪلب جي آفيس سيڪريٽري صحافي جاني جماڻي اياز حسين مورائي حافظ عبدالحق پنھور محمد اسحاق ڪورائي دين محمد ڪلھوڙو بشير احمد لغاري جاني مورائي رياض احمد عالماڻي راو عبدالعزيز راجپوت اياز مورائي سولنگي ۽ خدا بخش ميمڻ، ۽خضرحيات ڪورائي پڻ موجود ھئا
0 تبصرے