ايجوڪيشن سٽي والار خلاف جوڙيل ڪميٽي اڳواڻن جون پ پ اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون

پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، حڪيم بلوچ، سليم بلوچ، ڄام ڪريم پاران وزيراعليٰ سنڌ سان رابطو ڪرڻ جي خاطري

ايجوڪيشن سٽي والار خلاف جوڙيل ڪميٽي اڳواڻن جون پ پ اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ڳوٺن، قبرستانن ۽ گرين بيلٽ تي والار ۽ مقامي آبادي کي ٿيندڙ نقصان بابت ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ملير جي اڳواڻن، چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ پيپلز پارٽي ضلع ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد علي جوکيو، سينيئر نائب صدر عديل اختر شيخ، انفارميشن سيڪريٽري شاھ جهان خان، جوائنٽ سيڪريٽري مجاهد احمد جوکيو، عبدالستار خليفو ۽ محمد سليم سالار ڪراچي ڊفينس پهچي پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو سان ملاقات ڪئي اڳواڻن نثار کهڙو کي آگاه ڪيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ڳوٽن، قبرستانن ۽ گرين بيلٽن تي والار سبب مقامي ماڻهن جا گھر، قبرستان ۽ آباديون متاثر ٿي رهيون آهن۔نثار احمد کهڙو وفد کي يقين ڏياريو ته هو وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪري علائقائي خدشن ۽ عوامي پريشاني کان آگاه ڪندو ۽ مسئلي جو حل ڪرائڻ لاءِ فوري قدم کڻندو ٻئي پاسي ايجوڪيشن سٽي جي متاثرن، ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڳوٺاڻن جي وفد MNA عبدالحڪيم بلوچ، ڄام ڪريم،صوبائي اسيمبلي ميمبر ئي صحلاحڪار سليم بلوچ سان ملاقات ڪئي جن متاثرن جي ڪميتي کي پڪ ڏني ته هو هر فورم تي سندن آواز بڻجي بلند ڪندا عبدالحڪيم بلوچ چيو ته هو ڄام عبدالڪريم سان گڏجي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ٿيندڙ والار ۽ نقصان بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندو ۽ مسئلي جي حل لاءِ پارٽي سطح تي ڪوششون تيز ڪيون وينديون علائقي جي ماڻهن اميد ظاهر ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سندن خدشن کي سنجيدگي سان وٺندي ۽ والار ختم ڪرائڻ لاءِ فوري قدم کڻندي ڪميٽي اڳواڻ سليم سالار جو چوڻ هو ته هو ٻن ڏينهن م ڪاغذ تيار ڪري جلد پريس ڪانفرنس ذريعي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندا