English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ پاران حيدرآباد ۾ ڪاليج جو دورو
262 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ جٽادار قدم کڻي رهي آهي: نديم الرحمان ميمڻ
حيدرآباد (بيورو)سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ نذرت ڪاليج حيدرآباد جو دورو ڪيو جتي هن نئين شروع ٿيندڙ بي ايس انگلش لٽريچر پروگرام جي نئين سيڪشن جو افتتاح ڪيو _ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ انگلش ، ڪيمسٽري، بائيولاجي ، فزڪس ليبس، لائبريري ۽ ڪلاس رومز جو معائنو ڪري استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي ۽ نتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو _ هن علامه اقبال ڊي جي مناسبت سان منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سال 2022 جي ٻوڏ سبب تعليمي ادارن جي انفرااسٽرڪچرکي ڪافي نقصان پهتو تنهن هوندي به سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ جٽادار قدم کڻي رهي آهي_ هن چيو ته استادن جي کوٽ کي ختم ڪئي ويندي ۽ ڪاليجن درميان ويجهي رابطي کي پڻ لاڀائتو بڻايو ويندو _ هن شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي محنت ۽ دلچسپي سان تعليم حاصل ڪن ڇاڪاڻ ته اسين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون- هن چيو ته تاريخ ۽ عظيم شخصيتن جي مطالعي سان شاگردن کي پنهنجي سڃاڻپ مضبوط بڻائڻ گهرجي _ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحي تعليم جي معيار ۽ سهولتن ۾ بهتري آڻڻ آهي جڏهن ته ڪاليجن ۾ جديد مضمونن ، آئي ٽي ۽ سائنسي علوم کي فروغ ڏنو پيو وڃي ته جيئن شاگرد مستقبل جي چيلينجن کي مقابلو ڪري سگهن _ هن چيو ته استادن جي کوٽ، پگهارن جي مسئلن ۽ تعليمي ڍانچي ۾ بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون _ ان موقعي تي شاگردن علامه اقبال شاعر مشرق جي شاعري تي خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا _ پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر سعيده پروين ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ ڪاليج جي تاريخ ، نئين پروگرام ، تعليمي سرگرمين ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي هن ٻڌايو ته بي ايس انگلش پروگرام ۾ 60 شاگردن داخلا وٺي چڪا آهن جڏهن ته ڪاليج ۾ 23 کاتن ، 104 استادن کان علاوه 3000 شاگردن زير تعليم آهن _ نذرت ڪاليج جي شاگردن جي حاليه تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪري ڪاليج جو نالو روشن ڪيو آهي _ڊاڪتر سعيده پروين ٻڌايو ته نذرت ڪاليج ايندڙ سال پنهنجي پلاٽينيم جوبلي ملهائيندي _ هن چيو ته فزڪس ، اردو ۽ جغرافيه ۾ استادن جي کوٽ جي سيڪريٽري کي نشاندهي ڪرائي آهي _ ان موقعي تي پرنسپال نذرت ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر سعيده پروين ميمڻ ، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليج ايجوڪيشن ڊاڪٽر نويد الرب صديقي ، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن مصطفيٰ ڪمال پٺاڻ ،ريجنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ سميت ٻين عملدار پڻ موجود هئا _ تقريب جي پڄاڻي تي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ کي ڪاليج انتظاميا پاران سووينيئرز پيش ڪيا ويا جڏهن ته هن استادن ۽ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن شآگردن ۾ شيلڊز ورهايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن
نديم الرحمان ميمڻ
0 تبصرے