English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سپر هاءِ وي تي ڊمپر مالڪن جو احتجاج ناڪام، پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سپر هاءِ وي اهم شاهراهه آهي، جنهن کي بند ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي تي ڊمپر مالڪن پاران احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش پوليس پاران ناڪام بڻائي وئي، جڏهن پوليس جي وڏي نفري پهچي ڪيترن ئي مظاهرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو۔تفصيل موجب ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود پاران سپر هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جي اعلان بعد وڏي انگ ۾ ڊمپر مالڪ ۽ ڊرائيور احتجاج لاءِ گڏ ٿيڻ لڳا۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته هو پنهنجن جائز مطالبن جي منظوري لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا، پر پوليس اڳواٽ ئي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا هئا۔پوليس جي وڏي نفري جي پهچڻ بعد مظاهرين کي منتشر ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر ڪيترن ئي ماڻهن احتجاج جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ڊمپر مالڪن ۽ ڊرائيورن کي گرفتار ڪري حراست ۾ وٺي وئي پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به روڊ بند ڪرڻ يا ٽرئفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ سندن چوڻ هو ته سپر هاءِ وي شهر جي اهم شاهراهه آهي، جنهن کي بند ڪرڻ سان شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا پوليس جي وقت سر ڪارروائي سبب سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي ٽرئفڪ معمول مطابق جاري رهي، جڏهنتہ احتجاج مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو پوليس اختيارين موجب قانون هٿ ۾ وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گشت ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Nov 2025
•
کھیل
آئی سی سی نے حارث رؤف پر 2 میچز کی پابندی عائد کر دی
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کی شمولیت کے بغیر آئینی ترمیم ممکن نہیں: طلال چوہدری
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیمی بل 7 نومبر کو سینیٹ اجلاس میں پیش کیا جائے گا، آرٹیکل 243 میں ترمیم متوقع
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
آئین ملک کا مقدس دستاویز ہے، پتھر پر لکیر نہیں، ترامیم کا عمل جاری رہے گا: رانا ثناء اللہ
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان فوت، ٻيو زخمي
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر ۾ آل زهراڻي جت ويلفيئر آرگنائيزيشن جي گڏجاڻي, آئين ٺاهڻ ۽ برادري کي گڏ ڪرڻ لاءِ ست رڪني ڪميٽي قائم
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري, ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپن بعد بي آءِ ايس پي سينٽر ٻن ڏينهن کان بند پيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سپر هاءِ وي تي ڊمپر مالڪن جو
0 تبصرے