ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي نون ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن سان ملاقات

490کان وڌيڪ ڪانسٽيبل ۽ ليڊي ڪانسٽيبلز کي فورس ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو: ايس ايس پي ملير

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي نون ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن سان ملاقات

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق تازو ڀرتي ٿيل 490 کان وڌيڪ ڪانسٽيبلز ۽ ليڊي ڪانسٽيبلز سان ملاقات ڪئي۔ان موقعي تي ايس ايس پي ملير نون اهلڪارن کي پوليس فورس ۾ ڀليڪار ڪندي کين پوليس جي نظم و ضبط، عوامي خدمت ۽ پيشاور ذميوارين بابت آگاهه ڪيو۔ ڊاڪٽر عبدالخالق چيو ته پوليس اهو ادارو آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ عوام سان سڀ کان اڳ بيٺو هوندو آهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جو اولين فرض آهي۔هن زور ڏنو ته نوان اهلڪار ايمانداري، جذبي ۽ فرض شناسي سان پنهنجون ذميواريون نڀائن ته جيئن عوام جو پوليس تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿئي۔ ايس ايس پي ملير چيو ته پوليس ۾ شموليت هڪ وڏي ذميواري آهي، تنهنڪري نوان اهلڪار پنهنجون صلاحيتون عوامي خدمت لاءِ استعمال ڪن۔