دنيا جي مختلف ملڪن جا فنڪار پنهنجي فن جو جادو ڏيکاريندي شوقينن جا دل کٽي ويا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي زيور اهتمام جاري 39 ڏينهن واري “ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025 جو ڇهون ڏينهن فن، ثقافت ۽ تخليقيت جو شاندار اظهار بڻجي سامهون آيو، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا فنڪار پنهنجي فن جو جادو ڏيکاريندي شائقين جا دل کٽي ويا۔فيـسٽيول جي ڇهين ڏينهن دوران ٽي تربيتِي ورڪشاپون، ٻه ٽاڪ سيشن، پنج فلم اسڪريننگ ۽ فرينچ سرڪس ٿييٽر پلي ، بوڪن پيش ڪيو ويو، فيـسٽيول ۾ جنهن ۾ سوئيڊن جي ميورل آرٽسٽ ڊومينيڪا فاريسٽ ACAIC جي شاگردن کي مصوري جا جديد طريقا سيکاريا۔ ورڪشاپ ۾ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، فائن آرٽ ڪاميٽي جي چيئرمين فرخ تنوير شهـاب، شاهـد رسام ۽ ٻين فن سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي۔ڊومينيڪا فاريسٽ چيو ته مون کي ڪراچي ۾ اچي تمام خوشي ٿي، آرٽ رڳو اظهار نه پر ذهني سڪون ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ جو ذريعو آهي۔ رقص ۽ ٿييٽر تي بيونڊ بارڊر جي عنوان سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ برطانيا جي چارلين ڪيمبل، رومانيا جي علينا، آمريڪا جي ويني جهيلن، فرانس جي ٿييٽر اداڪار جونا ڪيٽز ۽ ڪانگو جي اسٽريٽ ڊانسر بينڪو ميٽرڪس حصو ورتو، جڏهن ته نظامت پاڪستان جي نامور رقاصه نگهت چوهدري ڪئي. چارلين ڪيمبل چيو ته سڄي دنيا ۾ امن، محبت ۽ آرٽ جو پيغام ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي علينا چيو ته ڪراچي جي ڊانس اڪيڊمي سان پرفارم ڪرڻ جو تجربو يادگار رهيو، اهڙو جذبو مون ٻين ملڪن ۾ نه ڏٺو۔بينڪو ميٽرڪس چيو ته ڪانگو ۾ آرٽ کي رڳو شاعري سمجهيو ويندو آهي، پر پاڪستان اچي محسوس ڪيو ته اسان جو فيصلو درست هو، هتي جي ماڻهن جو پيار ۽ عزت دل کي لڳي ويو.ارجنٽينا جي ايڊرين بوجڪو فائن آرٽ ورڪشاپ ۾ شاگردن کي مصوري جا نوان طريقا سيکاريا۔ ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه ڊومينيڪا فاريسٽ، ايڊرين بوجڪو، نتاليا ۽ ياز کي سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ تحفي طور پيش ڪئي. اوپرا پرفارمنس ورڪشاپ ۾ رومانيا جي فنڪاره جورجيانا ڪوسٽيا گلوگا شاگردن کي اوپرا موسيقي سيکاري۔ ورڪشاپ ۾ پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير ڊين اسٽوئنسڪو ۽ قونصل خاني جي عملدارن به شرڪت ڪئي، جن کي به سنڌي اجرڪ سان ڀليڪار ڪيو ويو. سفير ڊين اسٽوئنسڪو چيو ته “اسان لاءِ وڏي خوشي آهي ته رومانيا ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو حصو آهي، ڪراچي جي ماڻهن جو موسيقي سان پيار ڏسي متاثر ٿياسين. انگلينڊ جي فنڪار اسڪاٽ وِلسن موسيقي تي ٻڌل سيشن ۾ 90 واري ڏهاڪي جي پاڪستاني گانن کي خراج پيش ڪيو ۽ نصرت فتح علي خان جي انداز موسيقي کي نئين رنگ ۾ پيش ڪري شائقين کان داد حاصل ڪيو. فيـسٽيول جي موقعي تي فرينچ سرڪس ٿييٽر پيش ڪيو ويو، جنهن جا ڊائريڪٽر لاوري راجر، جونا ڪيٽز ۽ ريمي بومبلڊ هئا۔ سرڪس جي مزاحيه ۽ ايڪشن ڀرپور پرفارمنس تي سڄو هال تالن سان گونجي اُٿيو، جڏهن ته شائقين فنڪارن جي تخليقي مارتن کي ساراهيو ويو.
0 تبصرے