راونتي: ڪچّي واري علائقي ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، شر، سيلرا ۽ ڌوڌنڌا برادرين جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

راونتي جي ڪچّي علائقي ۾ شر، سيلرا ۽ ڌوڌنڌا برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر سنگين صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن۔

راونتي: ڪچّي واري علائقي ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، شر، سيلرا ۽ ڌوڌنڌا برادرين جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

مقامي ذريعن موجب تِرنهن برادرين جي وچ ۾ جاري پراڻي دشمني اڄ اوچتو ٻيهر تيز ٿي وئي ۽ ٻنهي ڌرين طرفان گهڻي دير تائين شديد فائرنگ ڪئي وئي۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمي متاثرن کي نازڪ حالت ۾ ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهشت، خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو۔ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪري علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔ ذريعن موجب تڪرار پراڻي رنجش جو تسلسل آهي، جنهن سبب علائقو ٻيهر جنگي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو آھي۔ پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪڙيون ساڪيون جاري آهن۔