English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي فريادي وڪيل تي مبينا حملو
views
|
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ٻٽ ٻڌل هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، معجزاڻي طور بچي ويس: ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ميرپورخاص ويندڙ ٻن وڪيلن تي صوفي فقير لڳ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻئي وڪيل معجزاڻي طور جاني نقصان کان بچي ويا، جڏهن ته جوابدار فائرنگ بعد فرار ٿي ويا، متاثر وڪيل ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر موجب اسان ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ميرپورخاص وڃي رهيا هئاسين ته موٽر سائيڪل سوار ٽن جوابدارن اسان تي صوفي فقير لڳ روڊ تي فائرنگ ڪئي، ابراھيم ڪنڀر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن پهرين اسان کي صوفي فقير وٽان ڪراس ڪيو، پوءِ جڏهن اسان بنگلاڻين جي ڳوٺ لڳ پهتاسين ته اسان تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، خوشقسمتي سان اسان ٻنهي کي ڪو نقصان نه پهتو، هن وڌيڪَ چيو ته اسان تي حملو ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن طرفان ڪرايو ويو آهي، اهي اسان کي مارائڻ چاهين ٿا، ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر جو چوڻ هو ته اڄ اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورخاص ۾ جوابدارن جي ضمانت بابت ٻڌڻي رکيل آهي، مان اتي پريس ڪانفرنس به ڪندس ۽ پوءِ صوفي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس، پوليس موجب فائرنگ ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جانچ جاري آهي، جڏهن ته صوفي ٿاڻي ۾ ابتدائي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ستائیسویں آئینی ترمیم — مجسٹریٹ سسٹم کی واپسی کا منصوبہ: اختیارات دوبارہ بیوروکریسی کے پاس؟
06th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تجارتی خسارے کا طوفان — پاکستان کی معیشت ایک اور بحران کے دہانے پر
05th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیم 14 نومبر تک منظور کرانے کا فیصلہ
05th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیم پر حکومت نے کوئی مشاورت نہیں کی: مولانا فضل الرحمٰن
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ويم دوران عورت ۽ ٻار فوت، وارثن جا ڊاڪٽرياڻي تي الزام
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران نينگر فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف مزاحمتي تحريڪ جو اعلان
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت، مڙه جناح اسپتال منتقل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر
ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر
0 تبصرے