ٺٽي ويجهو ڳوٺ حاجي مٺو گلاڻي خاصخيلي ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

تنوار فائونڊيشن سوسائٽي جي ڪوششن ۽ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جي تعاون سان ڪيمپ لڳائي وئي

ٺٽي ويجهو ڳوٺ حاجي مٺو گلاڻي خاصخيلي ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

ٺٽو (شفيق ڀٽي)تنوار فائونڊيشن سوسائٽي جي ڪوششن سان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي صاحب جي تعاون سان ڳوٺ حاجي مٺو گلاڻي خاصخيلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ هڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جاري آهي۔هن ڪيمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين طرفان مريضن جو بهترين چيڪ اپ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بيمارن کي بروقت رپورٽون مهيا ڪري مفت دوائون پڻ ڏنيون پيون وڃن۔ ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جهڙوڪ مليريا، ڊينگي، رت جي ٽيسٽ، شوگر ۽ ٻين عام بيمارين جا ٽيسٽ پڻ مفت ۾ ڪيا پيا وڃن۔تنظيم تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن مطابق، هن ڪيمپ جو مقصد ٻهراڙيءَ جي غريب عوام کي سندن گهرن جي ويجهو صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔هن سماجي خدمت جي مهم ۾ تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن جا عهديدار ۽ رضاڪار سرگرم آهن، جن ۾ چيئرمين شريف گل خاصخيلي، صدر اسلم خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري گل حسن ڀراڻي، شبير احمد شورو، راڻو خاصخيلي، محمد خاصخيلي ۽ ٻيا رضاڪار شامل آهن، جيڪي مريضن جي سهولت لاءِ ميدان ۾ سرگرم عمل آهن۔مقامي ماڻهن ڪيمپ جي انتظام ۽ سهولتن تي خوشي جو اظهار ڪندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ۽ تنوار فائونڊيشن سوسائٽي جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون فلاحي ڪيمپس اڳتي به جاري رهنديون۔