English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب جي سالگرهه تقريب منعقد
165 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ، آل سنڌ ٽريزري ويلفيئر سوسائٽي جو صوبائي نائب صدر ۽ حيدرآباد ڊويزن جو صدر ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب جي جنم ڏينهن جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ٺٽو ۾ هڪ شاندار، پروقار ۽ محبت ڀري سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب جو اهتمام ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جي عملدارن، عملي ۽ دوستن پاران ڪيو ويو، جتي خوشين، عقيدت ۽ خلوص جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر عثمان خالد، سليم گاڏهي، منظور علي چنا، آفتاب ميمڻ، محمد عمر ماجھند، غلام سرور سولنگي، جاويد گلگتي، آصف پٺاڻ، وجاهت خان، هادي جت، آصف بروهي، خالد مري، اڪبر جاکرو سميت ٻين دوستن شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب کي سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا ۽ گلن جا هار پارايا ويا، جڏهن ته سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي خوشين جو اظهار ڪيو ويو۔ آفيس جي دوستن پاران ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب لاءِ نيڪ تمنائن، سٺي صحت، دراز عمر ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعائون ڪيون ويون۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر محترم عثمان خالد سميت سڀني عملدارن، عملي ۽ دوستن جو شاندار ۽ يادگار سالگرهه تقريب منعقد ڪرڻ تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ساٿين جي محبت ۽ خلوص هن لاءِ وڏو اعزاز آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ ڊاڪٽر
0 تبصرے