English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ ۽ ڀاڻيجو مبينا طور اغوا، گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن تي الزام
137 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد جي ڌڻي پرتو ڳوٺ جي رهواسي پورهيت محمد رحيم مستوئي پنهنجي رشتيدارن ياسين مستوئي، اصغر سولنگي ۽ وزير سولنگي سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس پٽ عامر علي مستوئي ۽ ڀاڻيجو اصغر علي مستوئي کي گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن مبينا طور اغوا ڪري گم ڪيو آهي محمد رحيم مستوئي ٻڌايو ته 3 جنوري تي عامر علي مستوئي ۽ اصغر علي مستوئي پنهنجي فيملي سان گڏ الٽو ڪار ۾ ڪراچي کان درگاهه شاھ يقيق وڃي رهيا هئا ته گجي وٽ پوليس اهلڪارن کين روڪي تلاشي جي بهاني بنا ڪنهن ڏوهه جي عورتن سميت چوڪي ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته اطلاع ملڻ تي جڏهن هو گجو پهتو ته چوڪي انچارج ۽ ٻيا اهلڪار مختلف بهانا بڻائي کين سڄي رات انتظار ڪرائيندا رهيا. صبح جو کين ٻڌايو ويو ته توهان جا ماڻهو اسان وٽ ناهن گھارو ٿاڻي وڃو جڏهن گھارو ٿاڻي پهتاسين ته اتي صرف عورتون موجود هيون، جڏهن ته نوجوان عامر علي ۽ اصغر علي موجود نه هئا عورتن کي حوالي ڪرڻ بعد گھارو پوليس کين ٻڌايو ته نوجوان سي آءِ انچارج وٽ آهن ٺٽو وڃو ٺٽي پهچڻ باوجود به نوجوانن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو جنھن بعد اسان سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آھي جنهن جي ٻڌڻي 6جنوري تي ٿيندي محمد رحيم مستوئي چيو ته هو پورهيت آهن ۽ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهن گھارو گجو پوليس تلاشي جي بهاني سندن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ عورتن جي تذليل ڪئي آھي، جنهن جا ثبوت پڻ موجود آهن هن خدشو ظاهر ڪندي چيوته نوجوانن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي ڪو نقصان پهچايو ويو ته ان جو ذميوار گجو پوليس چوڪي انچارج گھارو پوليس ۽ سي آء انچارج اطھر چنا هوندو آخر ۾ هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن نوجوانن کي ترت بازياب ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ
0 تبصرے