English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس، 2 فيبروري کان شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو
58 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پوليو جي خاتمي لاءِ سڀ عملدار وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪن: ڊي سي جي هدايت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ضلع ۾ 02 فيبروري کان 05 فيبروري 2026ع تائين شروع ٿيندڙ قومي مھم پوليو جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عزير احمد ميمڻ، اي ڊي سي ٽو عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجئہ ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد ھنڱورجو، ڊاڪٽر درگا شنڪر، ڊاڪٽر مونيڪا، ارباب مڱريو سميت پي پي ايڇ آئي ڊسٽرڪٽ مئنيجر شرف الدين ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر کتري، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪول سيد خان محمد شاھ، ڊپٽي ڊي او تعليم کاتو راڻو مل مالھي اطلاعات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ ضلع ۾ 02 فيبروري کان05 فيبروري 2026ع تائي جاري پوليو خلاف قومي مھم شروع ٿي رھي آھي پوليو جي خاتمي لاءِ تمام لاڳاپيل عملدارن کي گھرجي تہ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪن، والدين پنھنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ پوليو خلاف قومي مھم جا بھتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مائڪرو پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، ٽيمن جي تربيت سميت ٻين انتظامن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي جڏھن تہ مھم دوران ھر گھر تائين پوليو ٽيمن جي پھچ ۽ نگراني واري ڪم کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ پوليو خلاف قومي مھم قومي فريضو آهي انھي لاءِ ڪنھن بہ قسم جي سستي ھرگز برداشت نہ ڪئي ويندي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي ۽ فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر وجي ڪمار کتري ٻڌايو تہ پوري ملڪ جيان ضلع عمرڪوٽ ۾ پڻ پوليو خلاف قومي مھم 02 فيبروري کان 05 فيبروري تائين منعقد ٿيندي قومي مھم دوران ضلع جي پنجن سالن تائين عمر جي ڪل 284995 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا انھي مقصد لاءِ 817 موبايل ٽيمون 41 ٽرانزٽ ۽ 44 فڪس ٽيمون شامل آهن ھنن وڌيڪ ٻڌايو تہ پوليو خلاف قومي مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انتظام جاري آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ
0 تبصرے