English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ڀرسان ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان الطاف زهراڻي واري واقعي خلاف گهگهر ۾ احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
120 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڏوڪري ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران قتل ٿي ويل الطاف حسين زھراڻي جي گهر واري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گھگھر ۾ زھراڻي برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو، سخت نعريبازي، 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، فوري طور تي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، تفصيل موجب ڏوڪري ٿاڻي جي حد ۾ سومر واري رات ڦر دوران مزاحمت تي تشدد جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ پورهيت الطاف حسين زھراڻي جي گهر واري سلطانه زھراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گھگھر ۾ زھراڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، قاتل جي گرفتاري لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي رجب زھراڻي، رئيس غلام سرور، ڊاڪٽر نذير، اصغر زھراڻي، جمشيد زھراڻي ،الاھي بخش، شوڪت زھراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سومر واري رات اٺين وڳي موٽر سائيڪل تي ٻارن سان گڏ گھر ويندي ڦر دوران مزاحمت تي پورهيت الطاف زهراڻي کي سندس گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن سميت ڦورن تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن سبب سندس گھر واري سلطانه خاتون زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي ۽ الطاف حسين پنهنجي ستن سالن جي معصوم پٽ سان اسپتال ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زير علاج آهي، هنن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او ڏوڪري قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهيو آهي اسان وٽ اھا روايت بڻجي وئي آهي ته جنهن کان ڦر ٿئي يا ماڻهو ماريا وڃن ته انصاف جي حصول لاءِ به انهن کي احتجاج ڪرڻو ٿو پوي، ھنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ،ڊي آئي جي، ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ڀرسان ڦر دوران قتل ٿيل
الطاف زهراڻي واري واقعي
0 تبصرے