English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: چشما ڳوٺ يوسي 9 ۾ ترقياتي ڪمن جا واعدا پورا نه ٿيا، علائقي واسين جو احتجاج
189 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رهواسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) چشما ڳوٺ، علي محمد خاصخيلي، يوسي 9 ابراهيم حيدري ٽائون جي رهواسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته پارٽي پاران سڄي علائقي ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ جا دعوا زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن علائقي واسين موجب صرف نالن جون تختيون لڳائي عوام کي گمراهه ۽ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عملي طور تي ترقياتي ڪم نه هجڻ جي برابر آهن مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته يوسي 9 چشمو ون ۽ ٽو جي هيٺين ۽ مٿين پٽي ۾ بمشڪل 10 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، جڏهن ته باقي 90 سيڪڙو ڪم اڃا تائين اڌورو پيل آهي۔ خاص طور تي خاصخيلي محلي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي۔ مٿين خاصخيلي جا رهواسي پاڻي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن، جڏهن ته سيوريج جا مسئلا به جئن جو تيئن موجود آهن۔علائقي واسين سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته سڀ ترقياتي ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن، ته پوءِ باقي رهيل 90 سيڪڙو ڪم آخر ڪهڙي جماعت ڪرائيندي؟ رهواسين جو چوڻ آهي ته هو ڏهاڪن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا اچي رهيا آهن، ان جي باوجود کين مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔علائقي واسين اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي 9 چشمو ڳوٺ ۾ ترقياتي منصوبن جو نئين سر جائزو وٺي، فوري طور تي پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: چشما ڳوٺ يوسي 9 ۾
0 تبصرے