ڪراچي/عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)ڪيلاش ڪولھي قتل بابت وزيراعلي ھائوس ۾ اھم گڏجاڻي. ضلعي بدين جي علائقي پيرو لاشاريءَ ۾ ڪيلاش ڪولھي قتل واقعي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون ويرجي ڪولھيءَ جي وزيراعليٰ سنڌ ھائوس ڪراچيءَ ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، سينئر صوبائي وزير انفارميشن شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان اھم گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ دوران پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان تفصيل حاصل ڪرڻ بعد گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار مقتول ڪيلاش ڪولھيءَ جي وارثن سان فون ذريعي رابطو ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته قاتل جيڪو سرزمين تان فرار آھي، ان سان ڪنھن به قسم جي ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ھن ناحق نوجوان جو قتل ڪيو آھي. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تھ قاتل سرفراز نظاماڻيءَ کي جلد کان جلد گرفتار ڪري کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي گھرو وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ اھڙا احڪامات جاري ڪندي ھدايت ڪئي ته جلد جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. تنھن بعد معاون خاص راجويرسنگھھ سوڍا ۽ معاون خاص ويرجي ڪولھي پڻ مقتول جي وارثن سان رابطو ڪري يقين ڏياريو ته انساني حقن جي کاتي پاران ۽ سنڌ حڪومت جا نمائندا ھئڻ جي ناتي اوھان کي يقين ٿا ڏياريون تھ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت انساني حقوق جي معاملي ۾ ڪا بھ خلاف ورزي برداشت نه ڪندي ۽ اوھان کي انصاف فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي. ان لاءِ ئي اسان حڪومت جي نمائندگي ڪري رھيا آھيون.
0 تبصرے