گھگھر ۾ ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جي دوري دوران ٽي ايل ملازمن جو احتجاج، پوليس کين ملاقات کان روڪي ڇڏيو

گھگھر ۾ ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جي دوري دوران ٽي ايل ملازمن جو احتجاج، پوليس کين ملاقات کان روڪي ڇڏيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جي دوري دوران گهگهر ملير لڳ پاڪستان ريلوي سان لاڳاپيل ٽي ايل (ٽيمپري ليبر) ملازمن نوڪريون پڪيون نه ٿيڻ ۽ رهيل پگهارن جي ادائيگي نه ٿيڻ خلاف شديد احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ ملازمن کي پوليس ۽ انتظاميه طرفان وفاقي وزير سان ملاقات ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب ملازمن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.ان موقعي تي مزدور اڳواڻن فاصل قيصراڻي، شاردلا جوکيو ۽ مولوي نظر جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل 15 سالن کان پاڪستان ريلوي ۾ ٽي ايل بنياد تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر اڄ تائين کين مستقل ناهن ڪيو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته گذريل چار مهينن کان پگهارون به ادا ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي.مزدورن جو چوڻ هو ته هو پرامن طريقي سان وفاقي وزير آڏو پنهنجا جائز مطالبا رکڻ چاهين پيا، پر پوليس ۽ انتظاميه کين ملاقات جي اجازت نٿي ڏئي. هنن الزام لڳايو ته ٽي ايل مزدور ريلوي ۾ سڀ کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ ادارو سندن محنت سبب ئي مستحڪم آهي، ان باوجود نه نوڪريون پڪيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن ٿيون. احتجاج ڪندڙن صدرِ پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽي ايل ملازمن کي فوري طور مستقل ڪيو وڃي ۽ سندن سموريون رهيل بقايائون بنا دير ادا ڪيون وڃن.