English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
58 views
|
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ليکڪ: امتياز علي ميمڻ
خيرپور، سنڌ جو هڪ تاريخي ۽ ثقافتي شهر آهي، جنهن ۾ علم جي جرڪندڙ ڏيئن مان هڪ ڏيئو سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري آهي. هي لائبريري صرف ضلعي جي سڃاڻپ جو حصو ناهي، بلڪه علم، ادب، ۽ تحقيق جي لحاظ سان هڪ اهم مرڪز بڻجي چڪي آهي. سچل سرمست لائبريري ڪيترن ئي اسڪالرن، تعليمي ماهرن ۽ بيوروڪريٽس جي علمي اوسر جو هڪ اهم وسيلو رهي آهي ۽ خاص طور تي نوجوان شاگردن لاءِ هڪ تعليمي جڳهه طور موجود آهي.v تاريخي پسمنظر
1903ع ۾ خيرپور رياست جي حڪمران هزهائينس ميرفيض محمد خان ٽالپر خيرپور جي خوبصورت عمارت ”فيض محل“ ۾ ”فيض امام لائبريري“ جي نالي سان موجوده لائبريري )سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور) جو بنياد وڌو. اهو به چيو وڃي ٿو ته هيءَ لائبريري فيض محل لائبريري جي نالي سان 1893ع ۾ خيرپور رياست جي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي.
ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ جڏهن خيرپور جي رياست ختم ٿي، تڏهن به لائبريريءَ جي نگرانيءَ جو ڪم ختم نه ٿيو، تنهن ڪري لائبريريءَ جي سنڀال جو ڪم سنڌ جي صوبائي تعليم کاتي جي حوالي ڪيو ويو. هن لائبريريءَ کي پنهنجي بلڊنگ نه هئڻ ڪري، خيرپور جي پراڻي ناز هاءِ اسڪول، خيرپور جي سائنس هال ۾ منتقل ڪيو ويو هو. 1941ع ۾ ان وقت جو لائبريرين محترم مرزا فرحت الله بيگ لائبريري سائنس جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آسٽريليا ويوهو. جتان هو لائبريريءَ جي جديد اڏاوت لاءِ هڪ خوبصورت نقشو به کڻي آيو. ان نقشي جي آڌار تي شاندار عمارت جو سنگ بنياد تاريخ 26 جولاءِ 1962ع تي واليءِ خيرپور رياست مير علي مراد خان ٽالپور (ٻيو) ميونسپل پبلڪ لائبريري خيرپور جي نالي سان رکيو هو. ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾هيءَ لائبريري جڙي راس ٿي، جنهن جو افتتاح تاريخ 14 مارچ 1965ع تي ڊويزنل پبلڪ لائبريري خيرپور جي نالي سان ان وقت جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو.
سال 1986ع ۾هن لائبريريءَ کي سنڌ جي ثقافت کاتي حوالي ڪيو ويو. پوءِ وري ان جو نالو بدلائي سنڌ جي صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت سچل سرمست جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
جديد عمارت ۽ توسيع
وقت سان گڏ، لائبريري جي عمارت کي جديد بڻائڻ ۽ وسعت ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. 7 جنوري 2010ع تي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني صاحب پاران نئين ۽ وسيع عمارت جو افتتاح ڪيو ويو. ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي تاريخي تصويرن ۽ خيرپور رياست جي حڪمرانن جي پورٽريٽس جو هڪ منفرد مجموعو شامل آهي، جيڪو پڻ تاريخي ورثي جو حصو بڻيل آهي.
موجوده حيثيت ۽ سهولتون
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور ۾ 1,50,000 جي قريب ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. هتي روزانو 800 کان 1000 شاگرد مطالعو ڪرڻ اچن ٿا. هن لائبريري ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي لاءِ الڳ ڪتابن جا سيڪشن آهن، جتي علمي مواد جو ذخيرو موجود آهي، هن لائبريريءَ ۾ جنرل ريڊنگ سيڪشن، پيرياڊيڪل سيڪشن، ريفرنس سيڪشن، عورتن ۽ ٻارن جو سيڪشن، سي. ايس. ايس سيڪشن، قلمي نسخن ۽ ناياب ڪتابن جو سيڪشن آهي.
ڊائريڪٽر محترم غلام سرور چنڙ جي قيادت ۾ لائبريري جي توسيع ۽ خوبصورتي ۾ نمايان واڌارو آيو آهي. جنهن ۾ ٻه نوان ريڊنگ هال ۽ سهڻو باغ آهي، هن لائبريري ۾ پڙهندڙن لاءِ هر سيڪشن ۾ ايئر ڪنڊيشن لڳل آهن، ۽ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ۽ آر. او پلانٽ نصب ٿيل آهي. هن لائبريري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ دوران سولر سسٽم جي به سهولت موجود آهي، جيئن هتان جا شاگرد پنهنجي پڙهائي جاري رکي سگهن. هن لائبريري ۾ جنرل ريڊنگ سيڪشن, پيرياڊيڪل سيڪشن, ريفرنس سيڪشن, عورتن ۽ ٻارن جو سيڪشن ,سي. ايس. ايس سيڪشن، ڪمپيوٽر سيڪشن ۽ لنڪن ڪارنر قائم آهن.v سي. ايس. ايس سيڪشنv سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور جي سي. ايس. ايس سيڪشن ۾ سنڌ جي نوجوانن جي سالن کان علمي آبياري ٿي رهي آهي. جنهن جي بدولت هن لائبريري جا شاگرد سي. ايس. ايس ۽ ٻيا مقابلي جا امتحان پاس ڪري ٻين نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪن ٿا. گڏو گڏ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بيوروڪريسي جي ڪمي کي پورو ڪرڻ ۾ هيءَ لائبريري اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن لائبريريءَ مان جن شاگردن پڙهي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن انهن ۾ سيد رياض حسين شاهه (اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل)، محمد شريف ڪلهوڙو(PSP)، راشد ممتاز چنه (OMG)، رب ڏنو ميتلو (PAS)، ثانيه ڦليو(OMG) ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي نوجوان جج، ليڪچرار، انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ استاد ٿي چڪا آهن.
عورتن ۽ ٻارن جو سيڪشن
هن سيڪشن کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ خوبصورت رنگن سان سجايو ويو آهي، خيرپور شهر ۽ پسگردائي جي نياڻين لاءِ هڪ پر سڪون ۽ پر امن مطالعي جي جاءِ آهي، هن سيڪشن جي CCTV ذريعي نگراني ۽ حفاظت ڪئي ويندي آهي. هن سيڪشن ۾ نياڻين ۽ ٻارن لاءِ ڪمپيوٽر، ڪتاب ۽ واءِ فاءِ انٽرنيٽ موجود آهن. هتي عورتون پاڻ سان گڏ وٺي ايندڙ ننڍڙا ٻار پنهنجي نگراني ۾ مطالعو ڪرائيندي پڻ نظر اچن ٿيون. هن لائبريريءَ مان هر سال جيان هن سال محترمه ثانيه ڦليو CSS جي اسپيشل امتحان ذريعي سنڌ مان پهرين پوزيشن ماڻي آهي.
قلمي نسخن جو سيڪشن
لائبريريءَ جي شان ۽ عظمت جو روشن مثال هن جي قلمي نسخن جو سيڪشن آهي. هتي عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ قلمي نسخا محفوظ آهن، جيڪي بهترين نموني ترتيب ڏنل آهن. هن سيڪشن ۾ڪم ڪندڙ سرچر محمد اسماعيل بروهي ٻڌايو ته محققن کي مطالعي لاءِ قلمي نسخا صرف هن سيڪشن ۾ ئي فراهم ڪيا ويندا آهن. سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور، نه فقط علمي مواد سان ڀرپور آهي، پر هتي پڙهندڙن جي سک ۽ سهولتن لاءِ جديد ۽ آرامده فرنيچر به مطالعو ڪندڙن لاءِ خاص طور ترتيب ڏنل آهي. لائبريري جي مڙني سيڪشنز ۾ ايئرڪنڊيشن لڳل آهن، جيڪي گرمي جي موسم ۾ پڻ پڙهندڙن لاءِ راحت ڀريو ماحول مهيا ڪن ٿا. لائبريري جي اندرين ۽ ٻاهرين حصن ۾ سيڪيورٽي ڪيمرائون لڳل آهن، جيڪي پڙهندڙن ۽ اثاثن جي حفاظت لاءِ مؤثر نگراني جو نظام آهي. انهن سيڪورٽي ڪيمراز جي مدد سان لائبريري جي انتظاميه هر وقت حفاظت ۽ نظم و ضبط کي يقيني بڻائي ٿي.
ڪمپيوٽر سيڪشن
هن لائبريري ۾ هڪ بهترين ۽ جديد ڪمپيوٽر سيڪشن ٺهيل آهي. جتي استاد، شاگرد ۽ محقق تحقيق ڪندي نظر اچن ٿا. هن سيڪشن جي انچارج اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان محمود ميمڻ وضاحت ڪندي چيو ته هن لائبريري ۾ پڙهندڙن لاءِ مفت انٽرنيٽ واءِ فاءِ ذريعي فراهم ٿيل آهي.
لنڪن ڪارنر
2013ع ۾ آمريڪي سفارتخاني جي تعاون سان "لنڪن ڪارنر" قائم ڪيو ويو. هتي نوجوانن لاءِ ڪتاب، رسالا، ڪمپيوٽر، آرامده فرنيچر، ايئر ڪنڊيشن ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون ويون آهن. آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي پاران ليڪچر پروگرامز، آن لائن سيشنز، ۽ اسڪالرشپ جي ڄاڻ لاءِ پڻ سرگرم پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا، جيڪي بين الاقوامي تعليم ۽ تحقيق ۾ نوجوانن کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن.
نوجوانن لاءِ سکيا جون سهولتون
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور جي ڊائريڪٽر غلام سرور چنڙ ته اسين نوجوانن جي ذهني اوسر لاءِ وقتاً به وقتاً شاگردن جي ضرورتن کي سمجھندي ڪيريئر ڪائونسلنگ جا پروگرام ڪرائيندا رهندا آهيون. خاص ڪري C.S.S ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ يونيورسٽي جي پروفيسرن کي ليڪچر جي لاءِ هتي مدعو ڪيو ويندو آهي، ته جيئن خيرپور جي غريب ۽ بي پهچ شاگردن کي مقابلي وارن امتحانن لاءِ تيار ڪري سگهجي.
سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور ۾ تعليمي سرگرمين کان علاوه، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين لاءِ به اهم جاءِ آهي. هن لائبريري ۾ قومي، ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن تي بحث مباحثو ڪري نوجوانن ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو آهي. سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري، خيرپور ۾ علم جا ڪوڏيا معلومات ۽ مهارتن ۾ اضافو ڪري پنهنجا مقصد پورا ڪندي نظر اچن ٿا. اها لائبريري صرف هڪ مواد جو مجموعو ناهي، بلڪه اها نوجوانن لاءِ هڪ علمي ماحول فراهم ڪندڙ عوامي يونيورسٽي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
امتياز علي ميمڻ
0 تبصرے