English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا فوڊ سينيٽر تي رکيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خراب ٿيڻ لڳيون
185 views
|
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
فوڊ سينٽر تي رکيل پنج هزار ڪڻڪ جون ٻوريون انتطامي لاپرواهي سبب خراب ٿيڻ لڳيون
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا فوڊ سينيٽر تي خوراڪ کاتي پاران خريد ڪڻڪ 5 ھزار ٻوريون عملدارن جي نا اهلي ۽ ڪڻڪ جي سنڀال ن ٿيڻ سبب خراب ٿيڻ لڳيون حڪومت کي وڏو مالي نقصان رسڻ جو خطرو . جاچ ٿيڻ جي صورت ۾ وڏا انڪشاف ٿيڻ امڪان . خراب ڪڻڪ مان بدبو پکڙجڻ لڳي . علائقي واسين پاران جاچ ڪرائڻ جو مطالبو . تفصيل موجب ھنڱورجا ۾ خوراڪ کاتي پاران قائم فوڊ سينيٽر ۾ آبادگارن کان خريد ڪيل 30 ھزار ٻوريون مان 25 ھزار ٻوريون خوراڪ کاتي پاران نيڪال ڪيون ويون آھن جڏنھن ت باقي رھيل 5 ھزار کن ٻوريون پيل آھن جن جي ٻوريون صحيح نموني سار سنڀال ن لھڻ ڪري ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي آھي ڪڻڪ جيڪا انسانن جي کائڻ جھڙي ناھي رھي اھا ڪڻڪ زھريلي ٿي وئي آھي خوراڪ کاتي پاران 2024 ن خريد ڪيل ڪڻڪ مان 5 ھزار ٻوريون ۽ ان کان سواءِ 2023 جي 35 سئو ٻوريون ڪڻڪ پڻ جيڪا اڃان تائين نيڪال ن ٿي سگھي آھي جڏنھن ت برساتن دوران ڪڻڪ جي بچائڻ لاء خوراڪ کاتي جي ڪامورن پاران ڪي بي اثرائتا قدم ن کنيا ويا جنھن ڪري ڪڻڪ خراب ٿي آھي علائقي واسين چوڻ آھي ته جيڪڏنھن صحيح نموني معاملي جاچ ٿي ته وڏا انڪشاف ظاھر ٿيندا . ٻي پاسي خوراڪ کاتي پاران سينٽر تي رکيل ڪڻڪ جي 50 ڪلو وزن واري پاچڪن ۾ 10 ۽ 12 ڪلو وزن جا پاچڪا ڀري رکيا ويا آھن ت جئين گم ٿيل ٻورين کي پورائو ڪرڻ لاء ٻورين جو انگ پورو ڪيو وڃي ٿو . ھن سلسلي ۾ ھنڱورجا فوڊ سينٽر جي فوڊ انسپيڪٽر نثار احمد مھر جو چوڻ آھي سال 2023 واري ڪڻڪ بلڪل خراب ٿي آھي جنھن بابت پنھنجي آفيسرن کي کي آگاھ ڪيو آھي ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر اختر حسين بوزدار رابطو ڪرڻ تي تي ٻڌايو آھي ھنڱورجا فوڊ سينٽر جي جلد وزٽ ڪئي ويندي جيڪا حقيقت ھوندي اھا پڌري ڪندس ۽ جيڪڏنھن خوراڪ کاتي جي عملي جي ڪٿي ب ڪوتاھي ھوندي ت انھن خلاف ب ڪاروائي ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ ڄڻو گرفتار، چرس هٿ
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا فوڊ سينيٽر تي رکيل
0 تبصرے