English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون جي ملازمن جي پگهارن مان مبينا ڪٽوتي
135 views
|
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ماهوار پگهارن مان 12 هزار کان 18 هزار رپيا غير حاضريءَ جي نالي تي ڪٽيا وڃن ٿا: ملازم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري ٽائون جي سوين ملازمن جي ماهوار پگهارن مان 12 هزار کان 18 هزار روپيا غير حاضريءَ جي نالي تي ڪٽوتي ڪرڻ سبب ملازمن ۾ سخت بيچيني ۽ ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ پگهارن ڪٽڻ کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي متاثر ملازم پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي پگهارن مان ڪٽوتي جو ليٽر ڏيکاريندي چيو ته هو وقت جي مڪمل پابندي سان پنهنجي ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن، تنهن هوندي به کين بنا ڪنهن جائز سبب جي غير حاضر ظاهر ڪري اجرت مان وڏي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ملازمن جو چوڻ هو ته کين نه ته ڪو اڳواٽ نوٽيس ڏنو ويو آھي ۽ نه ئي غير حاضري بابت ڪو لکت ۾ ثبوت فراهم ڪيو ويو، جنهن ڪري هو پاڻ کي ناانصافي جو شڪار محسوس ڪري رهيا آهن هنن الزام لڳايو ته ڪوڙو جواز ڄاڻائي کين محنت جي پگهار کان محروم ڪيو پيو وڃي، جيڪا سراسر زيادتي آهي ٻئي طرف ٽائون انتظاميا سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته غير حاضر ملازمن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پگهارن مان ڪٽوتي بابت کين ڪا ڄاڻ ناهي ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور پگهارن مان ڪٽوتي بند ڪئي وڃي ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو مجبور ٿي ٽائون آفيس جو گهيراءُ ڪندا، جنهن جي ذميواري انتظاميا تي هوندي..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون جي
0 تبصرے