English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ راندين جي واڌ لاءِ ضلعي اسپورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم
289 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڪميٽي جو چيئرمين هوندو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت جي هدايتن جي روشني ۾ ضلع عمرڪوٽ ۾ راندين جي واڌ ويجهه، نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ اسپورٽس انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضلعي اسپورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فوري طور تي قائم ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر کي سيڪريٽري ۽ خزانه دار جون ذميواريون سونپيون ويون آهن، ڪميٽي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، چيف ميونسپل آفيسر، ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ آف پوليس، ڪاليجن جا نمائندا، چيمبر آف ڪامرس، ڪيڊٽ ڪاليج يا پبلڪ اسڪول جو پرنسپل، ان سان گڏوگڏ ضلعي جون نامور راندين سان لاڳاپيل شخصيتون ۽ اسپورٽس ايسوسيئيشنز جا نمائندا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، ڪميٽي ۾ شامل نمايان راندين جون شخصيتون رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو صدر رسول بخش رحيمداڻي، عبدالجبار ڀلارو، خادم حسين هاليپوٽو ۽ رياض ڪنڀر شامل آهن، جيڪي ضلعي ۾ راندين جي واڌ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا، نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪميٽي ضلعي سطح تي راندين جي سرگرمين لاءِ ساليانو ڪيلنڊر تيار ڪندي، اسپورٽس گرائونڊز ۽ سرڪاري راندين جون سهولتون محفوظ ۽ بهتر انتظام هيٺ آڻيندي، ضلعي اسپورٽس ٽيمن جي تشڪيل ۽ تربيت ۾ مدد ڪندي ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪوچنگ ڪيمپس منعقد ڪندي، ان کان علاوه ڪميٽي نجي شعبي، نيم خودمختيار ادارن ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ سان رابطي ۾ رهي اسپورٽس انفراسٽرڪچر جي ترقي، نون ترقياتي منصوبن بابت تجويزون ۽ شفاف مالي نظام کي هٿي ڏيندي، ڪميٽي هر ٻن مهينن ۾ اجلاس منعقد ڪندي ۽ پنهنجي سالياني ۽ آڊٽ رپورٽون اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ڏانهن موڪليندي، ضلعي انتظاميه موجب هن قدم سان عمرڪوٽ جي نوجوانن کي صحتمند سرگرمين جا موقعا ملندا ۽ ضلعي ۾ راندين جو ماحول وڌيڪَ بهتر ٿيندو، شهري حلقن ۽ راندين سان لاڳاپيل ماڻهن ڪميٽي جي قيام کي خوش آئند قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي قدم عمرڪوٽ ۾ موجود ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو صدر رسول بخش رحيمداڻي
، عبدالجبار ڀلارو ۽ ٻيا به ڪميٽي ۾ شامل
0 تبصرے