English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو 14هون اجلاس
168 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ پاڪ آرمي جي ڪئپٽن امبر، ايس ايس پي عذير ميمڻ، اي ڊي سي ٽو عمران آرائين ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (ڊي سي سي) جو 14هين اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان آرمي 22 پنجاب ريجمنٽ ڇور ڪينٽ جي ڪئپٽن امبر، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ايڪسي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عمرڪوٽ، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاهه، ايڪسائز انسپيڪٽر ضلع عمرڪوٽ سرفراز علي جلباڻي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي عمرڪوٽ اسدالله ميمڻ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، ڊسٽرڪٽ فوڊ انسپيڪٽر عمرڪوٽ، حساس ادارن آئي ايس آئي، آئي بي،ايف آئي اي،اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي، ڪسٽم انسپيڪٽر، اليڪٽرڪ انسپيڪٽر انرجي ميرپورخاص، سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاهه، ٽائون آفيسرن، ضلعي جي سڀني لاڳاپيل کاتن جي سربراهن، سول ۽ عسڪري ادارن جي نمائندن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس جو بنيادي مقصد صوبائي ايپڪس ڪميٽي ۽ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي مؤثر ۽ بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ هو، اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ سڀني لاڳاپيل آفيسرن کان ڪارڪردگي رپورٽون پڻ طلب ڪيون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، منشيات، غير قانوني هٿيارن، اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن خلاف گڏيل ڪارروائيون وقت جي اهم ضرورت آهن، هن واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ٿيل فيصلن تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سڀئي کاتا پاڻ ۾ رابطي ۽ سهڪار سان پنهنجون ذميواريون نڀائين، اجلاس ۾ امن امان، انسدادِ منشيات، تجاوزات جي خاتمي، غير قانوني ڪاروبار، گداگري، ذخيره اندوزي، مهانگائي تي ڪنٽرول، حساس هنڌن جي سيڪيورٽي، تعليمي ادارن ۽ سرڪاري آفيسن جي چوڌاري حفاظتي انتظامن سميت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيال ونڊ ڪيو ويو، ھن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته ڏوهاري عنصرن خلاف انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سڀني کاتن کي پابند ڪيو ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر بڻائين ۽ مقرر ڪيل هدفن جي حاصلات لاءِ واضح حڪمت عملي تحت ڪم ڪن، ھن چيو ته عوامي مسئلن جو فوري ۽ شفاف حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت ناقابلِ قبول هوندي، اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته صوبائي ۽ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ
0 تبصرے