English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گمبٽ ۾ ”ٽيون حفيظ شيخ ڪتابي ميلو“ پڄاڻيءَ تي پهتو ، سوين ماڻهن جي شرڪت
264 views
|
19th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گمبٽ(رپورٽر)سنڌ فڪري فورم گمبٽ پاران شوالي جي در ڀٽائي چوڪ گمبٽ تي لڳايل ”ٽيون حفيظ شيخ ڪتابي ميلو گمبٽ“ اڄ رات پڄاڻيءَ تي رسيو. سنڌ کان وسري ويل ترقي پسند اديب ۽ صحافي حفيظ شيخ جي ڄمڻ ڏينھن 10 ڊسمبر جي مناسبت سان ھر سال ملھائجي ٿو ۽ گمبٽ جو ھجڻ ڪري گمبٽ وارا ياد گيري ملھائين ٿا. حفيظ شيخ (1931-1971) ھڪ ترقي پسمد اديب ۽ ڀلوڙ صحافي ھو. شيخ حفيظ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. ورھاڳي کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت کي ٻيھر منظم ڪرڻ ۽ ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ تي گڏجاڻيون ۾ سندس ڪردار واضع ھيو. هو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر به سان گڏ ڪيترين ئي اخڀارن ۽ رسالن سان سلھاڙيل رهيو. ھن ٽن ڏينھن واري ڪتابي ميلي جو افتتاح گمبٽ جي ھاء اسڪول جي شاگردياڻين ھٿان ڪرايو ويو. ھن حفيظ شيخ جي ياد ۾ ڪتابي ميلي کي ھن سال گمبٽ شهر جي وڇڙي ويل علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن شهيد صحافي عاشق علي منگي، استاد نظر لاکائي، صحافي ادريس عباسي، استاد اسلم ڀٽي ۽ سليم ڪليري کي منصوب ڪيو ويو ھو . ادبي، علمي ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترين ئي فڪري ويھڪون ۾ سوالن جوابن، شاعري پڙھڻ ۽ گيت ڳائڻ جو سلسلو پڻ ھلايو ويو. جن ۾ ميڊم بينظير ڀٽي، عرفت سنڌو، پاڪيزه ڦلپوٽو، راز علي گل ڀٽو، ساھ شيخ، استاد لالڻ چنو، تاج سروھي، پروفيسر عديل ڀٽي، ڪاشف زين ڪيريو، الياس ڪليري، استاد نورالدين پنھور، پروفيسر عتيق الرحمٰن پنھور، استاد منظور گلال زبير پيرزادو، ايڊوڪيٽ ڪاظم عباس عباسي، پروفيسر مختيار چنو، بشارت سنڌي، گلاب خان اُنڙ، گوھر شيخ، سرويچ مجاھد فتاحي، حفيظ منگي، محمد سليم، عذير سنڌي، درياھ خان، آصف لاکائي، عزيز سنڌي، افصار حيدر جتوئي، مولانا اسدالله حيدري، دعا سنڌو ۽ ٻين اديبن حصو ورتو، آخري ڏينھن تي گمبٽ جي نيڪ مردن ھن ٽئين حفيظ شيخ ڪتابي ميلي لڳائڻ ۽ علم جي روشني ڦھلائڻ تي سنڌ فڪري فورم جي اڳواڻن مبين سنڌي، اويس منگي، ڪاظم عباس، دربان علي، رفيق سنڌيار، افضل سنڌي، فھد سنڌي، ابرالحق، وسيو پنھنور، ڪامران لطيف، صاقب کھڙو، عزير سنڌي، عرفان علي، عبدلبياس، قادر بخش، عبدل واحد، امتياز سنڌي، اديل احمد، سرمد وھاب، اسرار احمد، عاقب کھڙو، الياس ڪليري، محمد اٿر ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا ۽ اجرڪن جا تحفا پارايا. ميلي ۾ ٽيئي ڏينھن گئبٽ، کھڙا، راڻپور ۽ پر پاسي جي علائقن جي علم دوست، شاعرن، اديبن ۽ شاگردن جي ڀرپور شرڪت رھي ۽ ڪتابن جي خريداري رھي. ميلو ڪامياب رھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گمبٽ
سنڌ فڪري فورم گمبٽ
حفيظ شيخ ڪتابي ميلو گمبٽ
0 تبصرے