English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ فيس بڪ فرينڊس پاران شهيد بينظيرڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ۾ تقريب
102 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمايان رضاڪارن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ۾ سماجي خدمتن ۽ رضاڪارن جي مڃتا لاءِ سرگرم تنظيم “سنڌ فيس بڪ فرينڊس” پاران شهيد بينظير ڀٽو لائبريري، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رضاڪارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان سماجي ڪارڪنن، اديبن، استادن، عورت دانشورن، پورهيت اڳواڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمايان رضاڪارن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ فيس بڪ فرينڊس جي ڪنوينر احمد سومري چيو 5 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رضاڪارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اسان به هن ڏينهن تي انهن سماجي رضاڪارن کي مڃتا ڏيون ٿا، جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا. هر سال هن ڏينهن تي مددگار ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اعزاز سان نوازيو ويندو آهي.ڊاڪٽر ماروي پليجو خطاب ڪندي چيو ته: سنڌ جا رضاڪار ڏينهن هجي يا رات، آفتون هجن يا سانحا هميشه اڳڀرا ۽ سرگرم رهيا آهن. نوجوان سماجي رضاڪار اشفاق سبزوئي چيو رضاڪار ڪنهن به معاشري جو قيمتي اثاثو آهن. اسان وٽ ڪيترين ئي منظم رضاڪار تنظيمن سماج جي ترقي لاءِ شاندار ڪم ڪري رهيون آهن. رضاڪارن جي مڃتا ڏيڻ بهترين عمل آهي. سماجي اڳواڻ ۽ شاعر آغا سعيد چيو جيڪو شخص بنا ڪنهن مفاد جي ٻين جي مدد ڪري، اهو حقيقي رضاڪار ٿو سڏجي. سنڌ فيس بڪ فرينڊس اهڙي خوبصورت روايت کي زنده رکيو آهي. نوجوان سماجي ڪارڪن حنيف سومرو چيو هر انسان جو فرض آهي ته هو سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. سماجي ڪارڪن عبدالرحمان ڪهيري چيو ڪيترائي ماڻهو رضاڪار طور خدمت ڪن ٿا پر انهن جي خدمت جي مڃتا گهٽ ٿئي ٿي. سنڌ فيس بڪ فرينڊس ڪيترن سالن کان هي کوٽ پوري ڪري رهيو آهي.تقريب ۾ رخسانا سومرو، عقبا بانو، سعود حسين، ڊاڪٽر روي، ارشد عباسي، عمران سومري، اڪسير سومري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيوتقريب ۾ عادل عباسي ۽ وقار لاشاري پنهنجي فن جو پڻ مظاهرو ڪيو، جڏهن تہ م مختلف طبقن جي شخصيتن جي شاندار شرڪت تقريب کي وڌيڪ رونق بخشي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ فيس بڪ فرينڊس
سماجي خدمتن ۽ رضاڪارن جي مڃتا لا
0 تبصرے