English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شاهه لطيف پوليس جي ڪارروائي، ATM فراڊ ۾ ملوث هڪ جوابدار گرفتار
168 views
|
09th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف پوليس انٽيليجنس بيسڊ ۽ ٽيڪنيڪل ڪارروائي ڪندي شهرين کي ATM تان رقم ڪڍرائڻ جي بهاني ڦر ڪندڙ جعلساز زاهد علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ابتدائي تحقيقات موجب جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏ مختلف بينڪن جي ATM مشينن ٻاهران ويهي شهرين تي نظر رکندو هو۔ جڏهن ڪو شهري پيسا ڪڍڻ دوران مشڪلات محسوس ڪندو هو ته ملزم پاڻ کي مددگار ظاهر ڪري سندس ڀرسان ATM ۾ داخل ٿي ويندو هو، ۽ موقعو ملندي ئي شهري جو اصل ATM ڪارڊ ڳجهي طريقي سان تبديل ڪري ڇڏيندو هو پوليس مطابق جوابدار ڪارڊ تبديل ڪرڻ سان گڏ شهري جو پاس ورڊ پڻ نوٽ ڪندو هو، ۽ مشين ۾ ڪارڊ پنچ ڪرڻ بغير کيس رقم نه نڪرڻ جو تاثّر ڏيندو هو۔ جيئن ئي شهري هتان هٽي ويندو هو، ملزم اصل ڪارڊ ۽ پاس ورڊ استعمال ڪري رقم ڪڍي وٺندو هو گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو ڪيترن ئي شهرين کي هن ئي طريقي سان نشانو بڻائي چڪو آهي، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جا ATM ڪارڊ به مٽائي رقم ڪڍندو رهيو آهي شهرين جون بار بار شڪايتون ملڻ بعد شاهه لطيف پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ملزم کي گرفتار ڪيو، جنهن جي قبضي مان مختلف بينڪن ۽ BISP جا ATM ڪارڊ به هٿ آيا آهن پوليس موجب گرفتار جوابدار خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هن وقت به جاري آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاهه لطيف پوليس جي ڪارروائي
ATM
0 تبصرے