English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جا 11 ماھيگير ڀارتي اختيارين هٿان گرفتار، ننڍي عمر ٻه ٻار به شامل، گهرڀاتين طرفان فوري طور آزادي جو مطالبو
20 views
|
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري مان مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ ھڪ ٻيڙي تي سوار 11 پاڪستاني ماھيگيرن کي ڀارتي ميرٽائم فورسز گرفتار ڪري ورتو آهي. 10 ڊسمبر تي سندن گرفتاري جي اطلاع ملي جڏھن ته ماھيگير گذريل جمعي تي سامونڊي شڪار لاءِ نڪتا ھئا گرفتار ٿيل مهاڻن ۾ ننڍي عمر جا ٻه ٻار به شامل آهن جن جي عمر 12 ۽ 15 سال ٻڌائي وڃي ٿي گرفتار ماھيگيرن ۾ شفيع محمد عمر 50 ورھ ، ابراهيم عمر 52 ورھ ، غلام مصطفيٰ 31 ورھ ، شرمي ربار 32 ورھ ، حبيب بيلا 15 ورھ ، سلطان احمد 35 ورھ سومار 51 ورھ ، سرفراز 24 ورھ مهتاب علي 25 ورھ ، ظھير 12 ورھ ۽ حسين 56 وره شامل آهن ماھيگير اڳواڻن موجب ڀارتي فورسز جي ڪارروائي اقوامِ متحده جي سامونڊي قانون (UNCLOS) جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنھن تحت سامونڊي حدن ۾ غلطیءَ سان داخل ٿيڻ تي ماھيگيرن کي سزا ڏيڻ بدران فوري طور رھائي ڏيڻ لازمي آهي گرفتار ماھيگيرن جي گھرڀاتين شديد پريشاني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غريب ماھيگير رڳو روزي ڪمائڻ لاءِ سمنڊ ۾ وڃن ٿا، ۽ سندن گرفتاري سبب پورو ڪٽنب معاشي بدحالي ۽ بک جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔ سندن چوڻ آهي ته نه ڪا سرڪاري مدد ملي ٿي ۽ نه ئي ڪو سندن سوال جو جواب ڏيڻ وارو موجود آهي متاثره گھر ڀاتين ۽ سماجي تنظيمون پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن سان گڏ عالمي انساني حقن وارن ادارن کان مطالبو ڪن ٿيون ته گرفتار ماھيگيرن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻارن جي گرفتاري تي بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ابراهيم حيدري جا 11 ماھيگير ڀارتي اختيارين هٿان
0 تبصرے