نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج

هفتو اڳ پوليس ڪانسٽيبل رخسانه مشوري کي فائرنگ ڪري 8 گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو: مظاهرين

نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾  عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ مشوري برادري جي ماڻهن جو پوليس ليڊي ڪانسٽيبل رخسانہ مشوري تي حملو ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي غلام حيدر مشوري، محمد مٺل مشوري مولا بخش مشوري، ممتاز علي مشوري، ۽ گل محمد مشوري ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ نوابشاه ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس ليڊي ڪانسٽيبل رخسانہ مشوري تي لاکا برادري جي هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هوء سخت زخمي ٿي پئي آهي جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل آهي هنن چيو ته حملي ۾ ملوث ٻه مک جوابدار پوليس اڃا تائين گرفتار ڪري ناهي سگهي بنا ڪنهن جواز جي نياڻي کي 8 گوليون هنيون ويون آهن جيڪا بزدلاڻي ڪارروائي آهي لاکن ۽ مشورين واري تڪرار سان هن نياڻيءَ جو پري جو به واسطو ناهي هنن مطالبو ڪيو جوابدار ڪاشف لاکو ۽ اظهر لاکو کي گرفتار ڪري رخسانہ مشوري سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو