English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ، پ پ اميدوار آغا شهباز دراني کي سرسي حاصل
177 views
|
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) پي ايس 9شڪارپور-تي گذريل ڏينھن سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 9 شڪارپور III ۾ ضمني چونڊ لاءِ ووٽنگ شروع ٿي وئي ھئي. هي سيٽ اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي. چونڊ ۾ ڪل 8 اميدوار حصو ورتو ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا شهباز خان دراني ۽ جي يو آءِ (ف) جي اميدوار سيد راشد الله شاهه سميت 9 اميدوار ميدان ۾ لٿل ھيا جن ۾ مقابلي ھيو ھن مھل تائين غير حتمي نتيجن موجب پي پي اميدوار آغا شھباز کي جي يو آء اميدوار رشدالله تي سرسي پڻ حاصل ھئي جڏھن ته تڪ ۾ تفصيلي انگن اکرن موجب، حلقي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 2,77,792 آهي، جن ۾ 1,48,310 مرد ووٽر ۽ 1,29,482 عورت ووٽر شامل آهن. چونڊ عمل لاءِ ڪل 178 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 49 مرد، 49 عورت ۽ 80 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل ھيون، جڏهن ته 13 امپرووائزڊ پولنگ پوائنٽ پڻ قائم ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشنن تي قائم ڪيل ڪل پولنگ بوٿ 638 هوندا، جن ۾ 328 مرد ۽ 310 عورت بوٿ شامل ھيا، سيڪيورٽي جي حوالي سان، حلقي جي 178 پولنگ اسٽيشنن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ 54 انتهائي حساس، 84 حساس ۽ 40 نارمل شامل ھيون انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي ڪلوز سرڪٽ ڪئميرا پڻ نصب ڪيا ويندا، جن ذريعي پولنگ اسٽيشنن تائين آمدورفت جي ويجهي نگراني ڪئي ھئي اليڪشن ڊيوٽي لاءِ ڪل 1632 پولنگ اسٽاف کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 178 پرزائيڊنگ آفيسر، 638 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 638 پولنگ آفيسر ۽ 178 نائب قاصد شامل آهن. انتظامي طور تي، چونڊن لاءِ 01 ڊي آر او، 01 آر او، 02 اي آر او، 01 ڊي ايم او ۽ 02 مانيٽرنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا ھيا امن امان ۽ سيڪيورٽي لاءِ ٽي هزار پوليس اهلڪار ۽ ٻه سو رينجرز اهلڪارن ڊيوٽي سرانجام ڏني انتظاميه موجب، چونڊن دوران سيڪيورٽي، پولنگ جي عمل، ووٽرن جي سهولت ۽ نتيجن جي بروقت پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا ويا ھيا پي ايس 9 شڪارپور جي حلقي ۾ هي ضمني چونڊ غير معمولي سياسي اهميت جي حامل آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ اميدوار آغا شهباز دراني کي سرسي حاصل
0 تبصرے