نوشهروفيروز ۾ ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

8مهينا اڳ قتل ٿي ويل عمران ۽ اڪبر ڦل جا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪري سگهي

نوشهروفيروز ۾ ٻن نوجوانن جا  قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  وارثن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڦل برادري جي ماڻهن عورتون ۽ ٻارڙا ساڻ ڪري ٻن نوجوانن اڪبر ۽ عمران ڦل جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين جي اڳواڻي مسمات رابعہ، مسمات وزيران ڦل ڪئي جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 8 مهينا اڳ اسان جي ٻن نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر پوليس وري جوابدارن جي ونگار وهندي اسان جي ئي نوجوان عاجز ڦل کي ڪيو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن چيو ته پوليس اسان جي نوجوانن کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري جنهن سبب جوابدار اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري اسان جي بيگناهه گرفتار ڪيل نوجوان عاجز کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي