عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ طرفان ماروي گرائونڊ ۾ اسپورٽس گالا منعقد

اسپورٽس گالا جو مقصد نوجوانن ۽ سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ هو

عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ طرفان ماروي گرائونڊ ۾ اسپورٽس گالا منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم اسپارڪ جي طرفان ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ هڪ روزه اسپورٽس گالا فيسٽيول شاندار نموني منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد نوجوانن ۽ محنت ڪش طبقي، خاص طور تي سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ راندين جي فروغ کي يقيني بڻائڻ هو، هن اسپورٽس گالا فيسٽيول ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويا، جن ۾ ڪرڪيٽ، رسا ڪشي، پنجه ڪشي، ونجھوٽي ۽ ٻيون روايتي رانديون شامل هيون، جڏھن ته مقابلن دوران رانديگرن ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته تماشائين پڻ رانديگرن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي، ان موقعي تي تقريب جا مهمانِ خاص ايڊيشل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو هئا، ان موقعي تي ايڊيشل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو ته صحتمند معاشري جي قيام لاءِ راندين جو فروغ انتهائي ضروري آهي، هن چيو ته “جيستائين راندين جا ميدان آباد رهندا، تيستائين اسپتالون ويران رهنديون”، ڇاڪاڻ⁠ تہ رانديون نوجوان نسل کي منفي سرگرمين کان پري رکي مثبت رخ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، هن اسپارڪ تنظيم پاران اسپورٽس گالا جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروگرام سماجي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ پڻ خطاب ڪندي چيو ته راندين سان نه صرف جسماني صحت بهتر ٿئي ٿي، پر نظم و ضبط، ٽيم ورڪ ۽ برداشت جهڙيون خوبيون به پيدا ٿين ٿيون، هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو راندين سان گڏ تعليم تي به ڀرپور ڌيان ڏين ته جيئن هڪ بهتر ۽ محفوظ معاشرو قائم ٿي سگهي، ان موقعي تي اسپورٽس گالا فيسٽيول ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن بنسي مالهي، سروپچند مالهي، محمد بخش ڪنڀر، سماجي تنظيم اسپارڪ جي ڪاشف بجير، سورج ڪمار، ميڊم خديجه بلوچ، ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ميڊيڪل سائنس عمرڪوٽ جي ايڊمنسٽريٽر شوڪت سومرو، سماجي اڳواڻ عيدل ڪنڀر، سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن، نوجوانن، ٻارن ۽ عام ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن اهڙن صحتمند ۽ مثبت پروگرامن جي انعقاد کي ساراهيندي مطالبو ڪيو ته مستقبل ۾ به اهڙي نوعيت جون سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪيون وڃن، آخر ۾ ڪامياب رانديگرن ۽ ٽيمن ۾ انعامات ورهايا ويا، جڏهن⁠ تہ منتظمين مهماننِ گرامي ۽ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.