English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پوليو مهم شروع، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام
205 views
|
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( شفيق ڀٽي) 15ڊسمبر جا 21 ڊسمبر تائين جاري رھندڙ انسدادِ پوليو مهم لاءِ فول پروف انتظام .تفصيلي خبر موجب ضلعي ٺٽي ۾ انسدادِ پوليو مهم جي سلسلي ۾ سخت ۽ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي پاران ضلعي سطح تي جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي۔ايس ايس پي ٺٽو موجب، 15 ڊسمبر 2025 بروز سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران 471 پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پوليو ورڪرن کي مڪمل پوليس حفاظتي حصار مهيا ڪيو ويو آهي ته جيئن مهم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي مڪمل ٿي سگهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن فيلڊ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو پنهنجي علائقن ۾ جاري ڪيل سيڪيورٽي پلان تي سختي سان عمل ڪرائين، جڏهن ته ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايچ اوز پوليو ٽيمن سان گڏ پوليس نفري جي تعيناتي، پيٽرولنگ، پڪٽنگ، فوري ريسپانس ۽ سول انتظاميا سان رابطن کي يقيني بڻائين۔ايس ايس پي ٺٽو طرفان اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سمورا آفيسر ۽ جوان پوليو مهم بابت باقاعده بريفنگ ڏين، پوليو ورڪرن جي تحفظ ۽ هن حساس قومي فرض جي اهميت کان نفري کي آگاهه ڪن۔سڀ فيلڊ آفيسر دوران مهم ڪنٽرول روم سان لڳاتار رابطي ۾ رهندا ۽ ڪنهن به امڪاني ناخوشگوار صورتحال جي صورت ۾ فوري اطلاع ڏيندا۔ ايس ايس پي ٺٽو خبردار ڪيو آهي ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ پوليو مهم شروع
0 تبصرے