سينيٽر روبينه قائمخاني پاران سامارو شهر ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جو افتتاح

سامارو منهنجو پنهنجو شهر آهي تنهن ڪري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهيان: روبينه قائمخاني

سينيٽر روبينه قائمخاني پاران سامارو شهر ۾  گرلز ڊگري ڪاليج جو افتتاح

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سامارو ۾ سينيٽر روبينه قائم خاني گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جو افتتاح ڪيو.تفصيل موجب عمرڪوٽ جي شھر سامارو ۾ سينيٽر روبينه قائم خاني پنهنجي ڪوٽي مان تعمير ڪرايل گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سامارو جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي پروين بشير قائم خاني جي آمد تي گلن سان شاندار استقبال ڪيو ويو.افتتاحي تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر زبيده اقبال مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان لاڙڪ، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ پروفيسر مير چند اوڙ، ڊائريڪٽر بيت المال ڊاڪٽر لطيف، مختيارڪار سامارو آصف ڪلهڙو، سنڌ تپيدار ايسوسيئيشن ڊويزنل صدر سيد جاويد حسين شاهه، سيد اسلم شاهه، سليم اعجاز ماسٽر، قيوم قائم خاني، عمان عمر قائم خاني، ظهير قائم خاني، جهانزيب سرتاج قائم خاني سميت ٻين آفيسرن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پرنسپل پروفيسر زبيده اقبال سينيٽر روبينه قائم خاني ۽ اڳوڻي ايم پي اي پروين بشير قائم خاني جو خاص شڪريو ادا ڪيو ۽ سڀني معزز مهمانن جي آمد تي ٿورا مڃيا، جڏهن ته يادگاري تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. سينيٽر روبينه قائم خاني ڪاليج ۾ وڻ لڳائي شجرڪاري مهم جو آغاز پڻ ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر روبينه قائم خاني چيو ته سامارو سندس پنهنجو شهر آهي ۽ سندس ابن ڏاڏن جو تعلق به هن ئي علائقي سان رهيو آهي، تنهن ڪري هوءَ هتي جي عوام، خاص طور تعليم جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيئن ڪاليج لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن، اهڙيءَ طرح مستقبل ۾ به سامارو شهر جي ترقي ۽ ٻين منصوبن لاءِ فنڊ مهيا ڪيا ويندا.پرنسپل پروفيسر زبيده اقبال چيو ته سينيٽر روبينه قائم خاني طرفان مهيا ڪيل فنڊنگ جي بدولت اڄ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سامارو هڪ معياري ۽ مثالي تعليمي ادارو بڻجي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته هن اداري مان شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين پيشاور شعبن ۾ وڃي رهيون آهن، جڏهن ته هن وقت به هتان جون شاگردياڻيون لَمز سميت مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ڪاليج ۾ پيشاور ۽ تجربيڪار استاد موجود آهن، جيڪي شاگردياڻين کي بهترين تعليمي ماحول فراهم ڪري رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي تي مقررین ان عزم جو اظهار ڪيو ته گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سامارو علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۽ شاگردياڻين جي روشن مستقبل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.