English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل اصغر مري جا قاتل گرفتار نه ٿيا
129 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ بابو پاتڻي واسي اصغر مري جي ٽيجهي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي به شرڪت
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن ھٿان قتل ٿيل بابو پاتڻي ڳوٺ جي نوجوان اصغر علي مري جا قاتل 4 چار ڏينهن گذرڻ باوجود ظاهر نه ٿي سگھيا ، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، نوجوانن جا وارث پريشان، نوجوان جي گھرن ۾ قھرام متل، تفصيل موجب گلشن معمار ٿاڻي جي حد بابو پاتڻي ڳوٺ جي نوجوان کي 4 ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو ڦورو ٽولي ڦر ڪندي مزاحمت گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ، گلشن معمار ٿاڻي جي حد پوليس اڃا تائين قاتل گرفتار نه ڪري سگهي ،شھيد نوجوان جي ٽيجھي تي سندس والد حاجي بجار خان مري، حاجي منشي مري، ڳوٺ جي چڱي مڙس اصغر پاتڻي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳوڻي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ٻھراڙي واري پرامن ڳوٺ ۾ ڌاريا اچي ڏوھ ڪري ھليا وڃن ٿا، انھن چيو ته اسان جي نوجوان جا قاتل افغاني پٺاڻ لڳي رھيا ھئا، انھن چيو ته اسان جي نوجوان کي سري عام ڏينهن ڏٺي جو گوليون ھڻي قتل ڪري ھليا ويا، انھن چيو ته اسان آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ايس ايس پي اولھ کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قتل ٿيل اصغر مر
ملير: گلشن معمار ٿاڻي جي
گلشن معمار ٿاڻي جي
0 تبصرے