English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس پاران 4 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
14 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گرفتار ٿيلن ۾ اڪرم کڏو، لکاڏنو کڏو، اقبال ڪنڊراهه ۽ دلبر ڪنڊراهه شامل آهن
سجاول (رپورٽر)سجاول پوليس جو ڏوهارين خلاف چُوڪو، 24 ڪلاڪن ۾ چار ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار،زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦوروئن جي سڃاڻپ اڪرم کڏو ، لکاڏنو کڏو، اقبال ڪنڊراھ، دلبر ڪنڊراھ طور ڪئي ويئي آهي.ايس ايس سجاول علينا راڄپر جي ھدايتن تي سجاول پوليس جون ڏوهن ۽ وارداتن تي ظابطو آڻڻ لاء ڏوھارين خلاف ڪاروايون. رات دير سان چوهڙجمالي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ باء پاس چوهڙجمالي لڳ مبينا پوليس مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري اڪرم کڏو ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي:چوهڙجمالي روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن جي پوليس پارٽي تي فائرنگ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنھن جي شناخت بدنام ڏوھاري اڪرم کڏو جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنھن جي قبضي مان هڪ عدد پستول برآمد ڪيو ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا: جڏهن ته رات دير سان سجاول - بدين روڊ تي هڪ وڌيڪ ڏوهاري لکاڏنو عرف پوڙھو کڏو جيڪو ڦر جي ڪيسن ۾ اشھاري ۽ ٻه ڏينهن اڳ بيلي جي حد ۾ ٿيل ڦر ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث هو، پوليس مقابلي دوران ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا. جڏهن ته سجاول پوليس پاران سجاول - ٻيلو روڊ تي مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري اقبال ڪنڊراھ کي پڻ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.جھوڪ شريف پوليس اسٽيشن جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري دلبر ڪنڊراھ کي گرفتار ڪري وٽانس هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل چئني ڏوهارين جو تعلق سجاول ضلع جي تعلقي ميرپور بٺورو سان آهي جيڪي چوري، ڦر سميت ڪيترين ئي ڏوهي وارداتن ۾ ايڪٽو ڪرمنل ڏوهاري هيا زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦوروئن کي علاج لاء سجاول ، ٺٽو ۽ چوهڙجمالي جي اسپتالن ۾ آندو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول پوليس پاران 4 ڦورن
0 تبصرے