ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي جي مورو ويجهو گڏيل ڪارروائي، 3ورهين جو ٻارڙو بازياب، هڪ جوابدار گرفتار

ڪارروائي دوران معصوم ٻارڙي زين کي بازياب ڪرايو ويو، سندس آزادي لاءِ 2ڪروڙ ڀُنگ گهريو ويو هو

ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي جي مورو ويجهو گڏيل ڪارروائي، 3ورهين جو ٻارڙو بازياب، هڪ جوابدار گرفتار

ملير/مورو(عبدالرشيد مورجھريو+ جاني جماڻي) ضلع ملير پوليس سي پي ايل سي جي سهڪار سان مورو جي ڳوٺ ٽپال ماڇي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي شاه لطيف ٽائون مان اغوا ڪيل ٽن ورهين جي ٻار زين کي خيريت سان بازياب ڪرائي ورتو.اها ڳالهه ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزاده پريس ڪانفرنس دوران ٻڌائي. هن چيو ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.ايس ايس پي ملير موجب اغوا ڪندڙن ٻار جي وارثن کان ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو هو. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او شاه لطيف ٽائون جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي.عبدالخالق پيرزاده وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن ٽي ورهين جي ٻار زين کي گهر ڀرسان کيڏندي اغوا ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪراچي کان لڳ ڀڳ چار سئو ڪلوميٽر پري کڻي ويا، جنهن حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جوابدار ٻار کي ايتري پري ڪيئن کڻي ويا هن وڌيڪ چيو ته هن ڪارروائي دوران اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) ۽ نوشهرو فيروز پوليس پڻ موجود هئي. ايس ايس پي ملير يقين ڏياريو ته اغوا ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.ٻئي طرف مورو پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار آصف آرائين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي