عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد، مختلف شخصيتون وڏي انگ ۾ شريڪ

حيدرآباد ڊويزن جي ڊائريڪٽر انفارميشن شھزاد احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ناهلا شيخ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد، مختلف شخصيتون وڏي انگ ۾ شريڪ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پريس ڪلب عمرڪوٽ جي هال ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ٿي، جنھن ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ڊائريڪٽر انفارميشن شھزاد احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد ناهلا شيخ ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ڊائريڪٽر انفارميشن شبانه چنا جو پريس ڪلب عمرڪوٽ آمد تي پرتُپاڪ استقبال ڪيو ويو، گلن جون پتّيون نڇاور ڪيون ويون ۽ مهمانن کي اجرڪ، چنري، مارويءَ جي لوئي ۽ ٻيا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد شھزاد احمد شيخ، ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شبانه چنا ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي چيو ته صحافي سماج جي اک ۽ ڪن هوندا آهن ۽ انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ھنن چيو ته پيغامِ پاڪستان تحت قومي يڪجهتي، ڀائيچارو ۽ امن جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، ھنن واضح ڪيو ته ملڪ جي مفاد جي خلاف ڪڏهن به قدم نه کنيو ويندو، پر پنهنجي وطن، سنڌ ڌرتي ۽ عمرڪوٽ جي عوام جا مسئلا ذميواريءَ سان ايوانن تائين پهچايا ويندا، ھنن پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نوجوان، تعليم يافته، باڪردار ۽ باصلاحيت ميمبرز جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته نون شامل ٿيل ميمبرز خلوص، ديانت ۽ پيشورانه مهارت سان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سرگرم آهن، جيڪي صحافت جي روشن مستقبل جي نويد آهن، ان موقعي تي سينيئر صحافي سيد عمران شبير شاهه ۽ سينيئر صحافي محمد امين ڏيپلائي پريس ڪلب جي گرانٽ ۽ ٻيا درپيش مسئلا ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن جي سامهون رکيا، جن کي سنجيدگيءَ سان ٻڌو ويو ۽ انهن جي حل جو يقين ڏياريو ويو، مقررين پريس ڪلب عمرڪوٽ لاءِ گرانٽ ۽ عمرڪوٽ جرنلسٽ ڪالوني لاءِ پڻ گرانٽ منظور ڪرائڻ جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي چيئرمين مينيجمينٽ ڪميٽي رسول بخش رحيمداڻي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي اڌ صديءَ تي مشتمل ڪتاب ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد شھزاد احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد ناهلا شيخ ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شبانه چنا کي پيش ڪيو، بعد ۾ چيئرمين مئنيجمنٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي مهمانن کي اجرڪ جا تحفا ڏنا، جڏهن ته صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، سرپرستِ اعليٰ حاجي گل حسن آريسر، سيد عمران شبير شاهه، ڪانجي مل رکیسر، سوائي مل رکیسر ۽ ٻين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي، مارويءَ جي لوئي ۽ ٻيا تحفا پيش ڪري سنڌ جي روايتي ميزباني جو مظاهرو ڪيو، تقريب دوران سنڌ جي مشهور فنڪار اقبال فقير پنهنجي سحرانگيز آواز ۾ ڪلامِ سنڌ وطن پيش ڪيو، محفل کي مسحور ڪيو ۽ غزل ڳائي حاضرين کان دل جي گهرائين سان داد حاصل ڪئي، جنهن سان پريس ڪلب هال تاڙين سان گونجي اُٿيو، تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر جي ايم اسلم ڀٽي، سينيئر صحافي ممتاز آريسر، الِياس ٿري، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نائب صدر نظر سميجو، سيف الله منگريو، اشوڪ درڙا، نوجوان صحافي سجاد علي شيخ، اسد علي ڀرڳڙي، هرچند ساگر، وقاص يوسفزئي، مدن گوپال، مشتاق ڪنڀر، سورج ڪمار مالهي، عادل حسين شاهه، محبت علي سومرو، رمیش ڪمار ڪلال، علي حسن، دليپ ڪمار اوڏ ۽ ٻيا موجود ھئا.