ڪرسمس تقريب دوران گيت ۽ ٽيبلوز پيش، ڪيڪ به ڪاٽيو ويو، مڪتب فڪر جي ماڻھن جي شرڪت
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ ڪرسمس جي شاندار تقريب، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين جي شرڪت، گيت ۽ ٽيبلوز پيش، ڪيڪ ڪاٽيو ويو، مڪتب فڪر جي ماڻھن جي شرڪت، مذھبي ھم آھنگي جي مثال قائم ڪئي وئي. تفصيل موجب ڪنري جي ڪرسچن اسپتال ۾ ڪرسمس جي حوالي سان رنگارنگ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي، ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ، ڊاڪٽر فلومينا، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، مختيارڪار ڪنري محمد حسن ٻاٽي، ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، علائقي جي معزز ماڻھن، عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻارن ۽ نوجوان نارين ڪرسمس جي حوالي سان گيت ۽ شاندار ٽيبلوز پيش ڪري پروگرام ۾ ويٺل مرد توڙي عورتون کان خوب داد حاصل ڪيو، جڏھن ته ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽي خوشين جو ڀرپور اظھار ڪيو ويو، تقريب ۾ ڪمشنر ميرپورخاص پاران سمورن ٻارن ۽ نارين کي چاڪليٽن، ٽافين ۽ مٺائي جا تحفا ڏنا ويا، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني خطاب ڪندي چيو ته ڪرسمس خوشيون ورھائڻ ۽ ٻين کي خوشين کي شامل ڪرڻ جو تھوار آھي جيڪو پوري دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. ڪنري ڪرسچن اسپتال جو قيام ان وقت عمل ۾ آيو جڏھن هتي روڊ رستا به ڪونه هئا تڏھن کان هي اسپتال علائقي جي پٺي پيل ماڻھن کي صحت جون سهولتون ڏنيون جيڪي خدمتون اڄ به جاري آھن، هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي تي خاص توجه ڏئي رهي آھي ته جئين ٻھراڙي جي عوام کي به شھرن جيان صحت جون سهولتون ملي سگهن، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي سڀني مذهبن جي تھوار ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ گهرجي. ڪنري ڪرسچن اسپتال ڪنري واسين لاءِ وڏي نعمت آھي جيڪو ٻھراڙي جي علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون فراھم ڪري پيو، هن صحت جي تمام خانگي ۽ سرڪاري ادارن تي زور ڏنو ته پوليو جي حوالي سان ماڻھن ۾ آگاھي پيدا ڪن. ڪنري ڪرسچن اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر نويد خرم پاران ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ کي شيلڊون ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.
0 تبصرے