English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ميونسپل ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب منعقد
260 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ اڳواڻن،پ پ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري طرفان شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪرسمس جي خوشين جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ اڳواڻن،پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب جا مهمانِ خاص پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جا جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو هئا، جڏهن ته تقريب ۾ ٽائون چيئرمين ابراهيم حيدري نذير احمد ڀٽو، پيپلز پارٽي مائنارٽي ونگ سنڌ جي نائب صدر مکهي اوڌامل ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر مشتاق مٽو پڻ خاص طور تي شريڪ ٿيا۔ان موقعي تي مقررین ڪرسمس جي اهميت ۽ بين المذاهب هم آهنگي بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي يقين رکي ٿي۔ مقررین جو چوڻ هو ته اقليتي برادري ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ سندن خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔تقريب ۾ اقليتي اڳواڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن ڪرسمس جون خوشيون ملهايون ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني۔ تقريب جي پڄاڻي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ تحفا ورهايا ويا، جڏهن ته امن، ڀائيچاري ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون پڻ ڪيون ويون۔ شرڪت ڪندڙن تقريب جي اهتمام تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي ان کي بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ميونسپل ڪارپوريشن
0 تبصرے