English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ اجلاس
116 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ، مختلف کاتن جي آفيسرن جي شرڪت
نوشهرو فيروز (ڊ ر) انتهاپسندي جي خاتمي ۽ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي اڄ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهرو فيروز ۾ منعقد ڪئي وئي. اجلاس ۾ پوليس، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ، ايجوڪيشن ، انفارميشن ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيپڪو نوشهرو فيروز ، ليبر ، سوشل ويلفيئر آفيسر، چائلڊ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ ، انسپيڪٽر پاڪستان ڪسٽمز ، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ۽ ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ وارن مختلف ادارن جي اهلڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين چيو ته ڪميٽي جي سڀني ميمبرن کي ضلعي ۾ امن و امان کي برقرار رکڻ ، غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ ۽ ضلعي ۾ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ضلعي ۾ قائم غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ضبط ٿيل پيٽروليم شين جو قانوني طريقي سان انتظام ڪري. هن چيو ته تعليم کاتي جي آفيسرن کي چيو تہ اھي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ مختلف تعليمي ادارن ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ اهڙن مقررن کي دعوت ڏيڻ گهرجي جيڪي قومي ترقي ۽ حب الوطني کي اجاگر ڪن ۽ انتها پسندي جي خلاف پنهنجا خطبا ڏين. هن چيو ته انتها پسندي جي خاتمي لاءِ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن . هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ صحافي، سوشل ميڊيا ڪارڪن ۽ ليکڪ مذهبي، قومي ۽ فرقيوارانه انتها پسندي جي خاتمي لاءِ پنهنجي قلم ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيبل آپريٽر انتها پسندي وارو مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجن علائقن ۾ غير قانوني سرگرمين ۽ انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ضلعي ۾ جعلي ۽ غير معياري شين ۽ اسمگل ٿيل شين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ضلعي ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ملڪ کي مثبت ۽ قانوني سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم کي حب الوطني جي جذبي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ انتهاپسندي
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام ميمڻ ج
0 تبصرے