English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ انتهاپسندي روڪٿام پاليسي بابت اجلاس، عوامي پريس ڪلب جي وفد جي شرڪت
221 views
|
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڊپٽي ڪمشنر ملير جي صدارت هيٺ انتهاپسندي روڪٿام پاليسي 2024 تي عملدرآمد بابت هڪ اهم اجلاس ڊي سي ملير ڪمپليڪس، ملير هالٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي ملير اندر ڊسمبر 2025 دوران پاليسي جي نفاذ، ميڊيا جي ڪردار ۽ سماجي هم آهنگي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سمیع اللہ شیخ پنهنجي موقف ۾ چيو ته انتهاپسندي روڪٿام پاليسي تي عملدرآمد حڪومت جي اولين ترجيحن مان آهي، جنهن لاءِ انتظاميا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي ذميواري نڀائڻي پوندي هن چيو ته ميڊيا سماج ۾ امن، رواداري ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري مثبت ۽ ذميوار رپورٽنگ انتهائي ضروري آهي ڊي سي ملير وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا هر سطح تي انتهاپسندي، نفرت انگيز مواد ۽ افواهن خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ميڊيا سان تعاون ۽ رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن پاليسي جا مقصد اثرائتي نموني حاصل ڪري سگهجن اجلاس ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاھ طارق جان سھتو پڻ شرڪت ڪئي عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاهه چيو ته انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ آزاد، ذميوار ۽ غير جانبدار صحافت کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، ۽ اهڙا اجلاس ميڊيا ۽ انتظاميا وچ ۾ اعتماد وڌائڻ جو ذريعو بڻجن ٿا ھن صحافت جي لباس ۾ لڪل سرڪاري ملازمن خلاف ڪاروائيءَ ۽ رزاق آباد۾ باھ کان متاثر مھاڻن جي نقصان جي نشاندهي ڪندي ڊي سي ملير کي سندن بحالي لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ جي درخواست ڪئي اجلاس ۾ مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي نمائندن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ملير 1 اقبال جنڊاڻ پڻ موجود ھو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ انتهاپسندي روڪٿام
0 تبصرے