سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ميراٿون تقريب، سنڌ حڪومت تعليم جي واڌاري ۽ نوجوانن کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي: راجوير سنگھ سوڍو

راجوير سنگھ سوڍو خاص طور شريڪ، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا

سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ميراٿون تقريب، سنڌ حڪومت تعليم جي واڌاري ۽ نوجوانن کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي: راجوير سنگھ سوڍو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ميراٿون تقريب، سنڌ جي وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو سميت سماجي حلقن، مختلف کاتن جي آفيسرن، استادن، صحافين، شاگردن ۽ شاگرياڻين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، بھتر ڪارڪردگي تي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ميراٿون پروگرام جي تقريب ٿي جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن واري صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي جڏھن ته تقريب ۾ پرو وائس چانسلر جان محمد مري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جاويد احمد ڏاھري، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ سماجي حلقن، مختلف کاتن جي آفيسرن، استادن، صحافين، شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته تقريب دوران سي ايم سنڌ جي صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو کي سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي لائين، بجلي، سولر سسٽم جي عدم دستيابي، انفرااسٽرڪچر جي بهتري، ڪيمپس تائين ويندڙ رستن جي خراب حالت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سميت ٻين مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو ڪيمپس جا مسئلا تفصيل سان ٻڌا ۽ انھي جي حل ڪرائڻ بابت يقين ڏياريو تقريب کي خطاب ڪندي راجوير سنگھ سوڍو چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي واڌاري ۽ نوجوانن کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اميد آهي ته زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جا سڀ مسئلا جلد حل ٿي ويندا ھن ميراٿون ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن جي شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پڻ ورهايون خاص طور تي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙ هڪ شاگردياڻي ڪرن بجير جي حوصلا افزائي ڪئي تہ جيڪا پاس آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ساڳئي ڪيمپس ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ شاگردياڻين جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي پرو وائس چانسلر جان محمد مري خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس جا جيڪي به مسئلا ھئا اُھي سنڌ جي وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو آڏو رکيا آھن ۽ اميد آھي ته وڏي وزير آڏو اُھي مسئلا رکي حل ڪرايا ويندا انهن مسئلن جو حل جلد ممڪن بڻايو ويندو جڏھن ته تقريب کي اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.