English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
منشيات خلاف پورٽ قاسم اسڪول ۾ آگاهي تقريب ۽ ريلي منعقد
286 views
|
02nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ريلي ۽ تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ علائقي جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تمباڪو ۽ منشيات خلاف پورٽ قاسم اسڪول ۾ آگاهي تقريب ۽ ريلي، شاگردن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايتن تي سرڪاري بوائز سيڪنڊري اسڪول پورٽ قاسم ۾ تمباڪو نوشي ۽ منشيات خلاف آگاهي تقريب ۽ ريلي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ استادن، شاگردن ۽ علائقي جي معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ڪوآرڊينيٽر بلال ظفر، هيڊ ماستر سيد ڪپتان شاهه، هيڊ ماسترياڻي نسيم جهتيال، فرزانه حاجاڻو، زبيده ميمڻ، ساجده ابڙو، رشيده ميمڻ، سعيده تنيو، پرھ ، مومل، مھرالله نوناري، علي انور تنيو، معشوق جتوئي، احمد خان ميمڻ، عتيق احمد، جهانزيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي هيڊ ماسترياڻي نسيم جهتيال خطاب ڪندي چيو ته منشيات خاص ڪري تمباڪو نوشي نوجوانن لاءِ هڪ قاتل زهر آهي جيڪا وبا جيان اسان جي سماج ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي هن چيو ته منشيات نوجوانن جي ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن کي سخت متاثر ڪري سماجي براين ڏانهن ڌڪي ٿي جنهن سبب سندن مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته نوجوان غلط صحبت سبب پنهنجي زندگي، تعليم ۽ ڪيريئر کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن هن والدين، استادن ۽ سماج جي هر فرد تي زور ڏنو ته هو گڏجي هن ناسور خلاف آواز اٿارين ۽ نئين نسل کي تباهي کان بچائين تقريب کان پوءِ شاگردن ۽ استادن اسڪول کان ڪالوني جي مک گيٽ تائين ريلي ڪڍي، جيڪا هيڊ ماستر ڪپتان شاهه، بلال ظفر، محمد جمن، احمد ميمڻ، مھرالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿي. ريلي دوران شاگردن جي هٿن ۾ منشيات خلاف پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جڏهن ته “منشيات بند ڪريو، مستقبل بچايو” جا نعرا هنيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
منشيات خلاف
منشيات خلاف پورٽ قاسم اسڪول ۾ آگاهي تقريب
0 تبصرے