English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شاهه لطيف پوليس پاران چوپائي مال جي چوري ۾ ملوث 02 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
225 views
|
02nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گذريل رات شاهه لطيف پوليس مبينا مقابلي ۾ چوپائي مال گاڏين ۽ واڙن مان چوريون ڪندڙ 02 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن دوران هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. ڪارروائي 31-بي ڪچا روڊريلوي پٽڙي ڀرسان ڪئي وئي.پوليس موجب گشت دوران ٻن مشڪوڪ ماڻهن کي روڪيو ويو ته هنن پوليس پارٽي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي کي بنا ڪنهن مزاحمت جي گرفتار ڪيو ويو.ابتدائي جاچ موجب جوابدار شهرين جي واڙن ۽ گهرن ۾ گهڙي ڊڪيتون ڪري ڀينسون ۽ ٻڪريون کڻي ويندا هئا.زخمي جوابدار جي سڃاڻپ محمد هاشم ولد ڏري بخش جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻئي جوابدار جي سڃاڻپ محمد رياض ولد محمد رمضان طور ٿي آهي. زخمي جوابدار وٽان 30 بور پستول ۽ 03 زندهه رائونڊ جڏهن ته ٻئي جوابدار وٽان 05 رائونڊ هٿ ڪيا ويا.پوليس موجب ٻئي جوابدار بدنام زمانه مويشي ڊڪيت گينگ سان لاڳاپيل آهن، جيڪي شهر جي مختلف علائقن، جن ۾ ڀينس ڪالوني، شاهه لطيف، اسٽيل ٽائون ۽ ميمڻ ڳوٺ شامل آهن، ۾ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن.گرفتار ٿيل جوابدار محمد هاشم جو رڪارڊ سرچ ڊيوائس ذريعي چيڪ ڪيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿيو ته هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪو آهي ۽ سندس مجرمانه رڪارڊ موجود آهي.وڌيڪ جاچ جاري آهي جڏهن ته ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاهه لطيف پوليس پاران چوپائي م
0 تبصرے