English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي ۽ ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو جي صدارت هيٺ اجلاس
250 views
|
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ونڊ پاور ڪمپنيون قومي معيشت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: فياض عباسي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ قائم ونڊ پاور ۽ سولر انرجي منصوبن کي درپيش سيڪيورٽي مسئلن ۽ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) تحت جاري ترقياتي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ درٻار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت، ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراني، ونڊ پاور ۽ سولر منصوبن جا مينيجرز ۽ نمائندا توڙي انرجي ڊپارٽمينٽ جا آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو ته ونڊ پاور ڪمپنيون قومي معيشت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ انهن منصوبن جو تحفظ قومي ذميواري آهي . هن زور ڏنو ته سيڪيورٽي ۽ ٻين درپيش مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ميڪينزم جوڙيو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجن ۽ انتظاميا ۽ ڪمپنين وچ ۾ رابطي جو خلاءُ ختم ٿي سگهي. هن منصوبن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ سڌي طرح انتظاميا سان رابطو ڪن، ڇو ته ضلعي آفيسن جا در هميشه کليل آهن. هن چيو ته مقامي آبادي کي سي ايس آر تحت بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊويزنل ڪمشنر يقين ڏياريو ته سڀني منصوبن کي آن گرائونڊ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو . ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ونڊ ۽ سولر منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا ۽ بهتر انتظام يقيني بڻايا ويندا ۽ ان حوالي سان پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ونڊ ۽ سولر انرجي منصوبن جي انتظاميا سيڪيورٽي، چوري ۽ ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سڀئي يونٽس سي ايس آر تحت سرگرم عمل آهن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي مقامي ماڻهن جو بنيادي حق آهن. هنن انتظاميا جي فوري ۽ مثبت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن قدمن سان نه رڳو انتظاميا پر غير ملڪي سيڙپڪارن کي پڻ مثبت پيغام ملندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي
0 تبصرے