ابراهيم حيدري ٿاڻي جي سينيئر آءِ او ڪم ۾ مبينا مداخلت تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

سينيئر انويسٽيگيشن آفيسر انسپيڪٽر فريد خان آءِ جي سنڌ کي تفصيلي خط لکي ڇڏيو

ابراهيم حيدري ٿاڻي جي سينيئر آءِ او ڪم ۾ مبينا مداخلت تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ پوليس جي هڪ سينيئر انسپيڪٽر سخت دٻاءُ، مداخلت ۽ اختيارن جي پامالي خلاف احتجاج طور پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي۔ ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ مقرر سينيئر انويسٽيگيشن آفيسر انسپيڪٽر فريد خان اعليٰ اختيارين، خاص طور آءِ جي سنڌ کي هڪ تفصيلي خط لکيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويو آهي۔خط ۾ فريد خان لکيو آهي ته قانون موجب انويسٽيگيشن آفيسر کي مڪمل آزادي حاصل هئڻ گهرجي، پر عملي طور تي کيس وسيلن جي کوٽ، سينيئر آفيسرن جي ناجائز مداخلت، ڌمڪين ۽ هراسانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هن چيو ته انويسٽيگيشن آفيسر انصاف واري نظام جو بنيادي ستون آهي، پر ان جي باوجود سندس اختيارن کي ڄاڻي واڻي محدود ڪيو وڃي ٿو۔مستعفي آفيسر موجب اعليٰ آفيسر انصاف تي ٻڌل جاچ بدران پنهنجن مفادن خاطر فيصلا مڙهين ٿا۔ هن انڪشاف ڪيو ته تازو هڪ ڪيس ۾ کيس 173 سي آر پي سي تحت تيار ڪيل رپورٽ زبردستي “بي ڪلاس” چالان طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، جيڪو قانون ۽ ضمير جي خلاف هو۔انسپيڪٽر فريد خان جو چوڻ آهي ته اهڙي ماحول ۾ ايمانداري ۽ آزادي سان فرض نڀائڻ ممڪن نه رهيو آهي، جنهن ڪري هو مجبورن استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته انويسٽيگيشن آفيسرن کي قانون موجب مڪمل خودمختياري ڏني وڃي، جيئن انصاف جو عمل متاثر نه ٿئي ۽ عوام جو قانون تي اعتماد بحال رهي۔