مڪلي سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال سبب سمورا ننڍا وڏا ڪاروبار مرڪز بند رهيا
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سڏ تي ٺٽي شهر، مڪلي سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال کي ڀرپور موٽ ملي۔ ٺٽي شهر جي شاهي بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته مڪلي، گهارو، ڌاٻيجي، ليٽ ميرپور ساڪرو، جهمپير ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مڪمل شٽربند هڙتال رهي۔ ٻئي طرف پوليس پاران ڇاپا هڻي پي ٽي آئي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد امجد شاهه ۽ ضلعي اڳواڻ ظهير شاهه کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو، جنهن خلاف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي وئي۔ ملڪ ۾ گذريل چونڊن دوران مبينه ڌانڌلين ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف پي ٽي آئي، جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن مڪلي باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ٺٽو ـ ڪراچي قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏي۔ ڌرڻي جي اڳواڻي ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران خشڪ، پي ٽي آئي اڳواڻ هوش محمد عباسي، جي ڊي اي اڳواڻ شاهنواز بروهي، عرفان ماڻڪاڻي سميت ٻين ڪئي، جڏهن ته سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ ڌرڻي دوران پوليس ۽ حڪمرانن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون۔ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل سياسي اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ سياسي انتقامي ڪارروائين جو سلسلو بند ڪيو وڃي۔ مڪلي باءِ پاس تي لڳايل ڌرڻي سبب قومي شاهراه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن ڪري مسافرن ۽ مال بردار گاڏين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو۔ ان موقعي تي پي ٽي آئي، جي ڊي اي، مجلس وحدت المسلمين ۽ ايس يو پي جي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سڏ تي ٿيندڙ پرامن احتجاج دوران گرفتاريون غير جمهوري عمل آهن، جنهن جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي۔ اڳواڻن چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي تحفظ تائين جدوجهد جاري رهندي۔
0 تبصرے