English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ ۾ انڪروچمينٽ ڄاڻائي آپريشن، ڇڪتاڻ،چڪريون
206 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اينٽي انڪروچمينٽ پوليس، روينيو عملدار، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پاران ڪارروائي ڪئي وئي
اوڀر ڪراچي (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) نور محمد ڳوٺ ۾ عدالتي حڪمن تحت ڪيل اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن دوران سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن بعد انتظاميه کي ڪارروائي روڪي واپس وڃڻو پيو۔ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس، روينيو کاتو، مقامي پوليس، سوئي سدرن گيس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ جا عملدار ممڪن قبضا ختم ڪرائڻ ۽ گهرن جي ڊاهڻ لاءِ علائقي ۾ پهتا سرڪاري مؤقف هو ته ڪارروائي عدالت جي حڪمن جي روشني ۾ ڪئي پئي وڃي۔ ڪارروائي خلاف علائقي واسين احتجاج ڪيو، جنهن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار وڏي انگ ۾ شريڪ هئا۔ مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجن گهرن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو۔ عيني شاهدن موجب پوليس طرفان ميڙ کي منتشر ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا۔ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته شيلنگ سبب ٻارن ۽ عورتن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون۔ بعد ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان مبينا پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، جنهن سان صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري بڻجي وئي۔ ذريعن موجب هن زمين بابت معاملو عدالت ۾ زيرِ سماعت آهي، جنهن سبب رهواسين ۾ بيچيني موجود آهي۔ مظاهرين جو مؤقف آهي ته عدالتي فيصلو اچڻ تائين ڪنهن به قسم جي مسماري يا بي دخلي نه ٿيڻ گهرجي۔ سخت مزاحمت ۽ حالتن جي خرابي سبب انتظاميه کي عارضي طور آپريشن روڪي واپس وڃڻو پيو۔ واقعي بعد علائقي ۾ ڪا اضافي نفري مقرر نه ڪئي وئي۔ هن وقت تائين ڪنهن جاني نقصان جي سرڪاري تصديق سامهون ناهي آئي۔ انساني حقن جي حلقن طرفان واقعي جي شفاف جاچ ۽ طاقت جي استعمال جي جائزي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اوڀر ڪراچي
نور محمد ڳوٺ ۾ عدالتي حڪمن تحت ڪيل اينٽي انڪروچمينٽ
0 تبصرے